سوسائٽي(غلام رسول مھر)گھوٽڪي ضلعي ۾ سماجي تنظيم سافڪو پاران صحت ۽ صفائي بابت جاڳرتا مھم جاري آهي. سماجي تنظيم سافڪو جي ضلعي ڪوآرڊينيٽر برڪت علي ميراڻي جي نگراني ۾ تعلقي خانڳڙھ جي مختلف يوسيز ۾ صحت صفائي بابت جاڳرتا مھم هلي پئي. سافڪو جي ٽيم فاطما ملڪ ،فرمان علي، نثار احمد مظفر شاھ جي اڳواڻي ۾ تعلقي خانڳڙھ جي يوسي قاضي بادل جي ڳوٺ ابراھيم مھر ۾ منصوبه بندي شروع آهي جيڪا 18مھينن تائين جاري رهندو ضلعي ڪوآرڊينيٽر مختلف ڳوٺن جا دورا ڪيا آهن ۽ سندس چوڻ هو ته ڳوٺن ۾ صفائي سٿرائي جو نظام بھتر نه ھجڻ ڪري بيماريون پکڙجي رهيون آهن. هوڏانهن سافڪو ٽيم يوسي قاضي بادل پهتي جتي پڻ سافڪو پراجيڪٽ تحت ڪاميٽيون ٺاهي عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاء جاڳرتا مهم شروع ڪئي وئي










