سائنسدانن لاءِ ڳجهارت بڻيل، انساني کوپڙين واري ڍنڍ ؟

سج اڃا ٽڪريءَ جي ڄميل حصي جي مٿان چمڪڻ شروع نه ڪيو ھو. جتي مان برف وانگر ڄميل نديءَ وٺ پھچڻ کان پوءِ ٿوري دير لاءِ  آرام ڪري رھي ھيس. مان ھندستان جي ھماليه جبل تي سمنڊ جي مٿاڇري کان ساڍا سورنهن هزار فٽ جي مٿاهين تي ٿڌ جي ڪري ڄمي ويا ھئاسين جو مون ۾ ايتري به ھمت ڪانه ھئي جو منھنجي ڀر سان پيل انساني ھڏن  کي ڏسي سگهان جيڪي روپ ڪند نالي ڍنڍ ۾ ڄميل ھئا. جڏھن  مان سن 2009 ۾ ٽريڪ / جبل جي چڙھائي لاءِ ويس ته اھو سمجهو پئي ويو ته  ‘ اسڪيلٽن ليڪ’ معنيٰ کوپڙين واري ڍنڍ جو راز حل ٿي ويو آھي ۽ روپ ڪند ٽريڪ ھندستان ۾ ٽريڪنگ انڊسٽريءَ جو رخ بدلائڻ وارو آھي. هن مهل تائين هڪ ڏهاڪي کان به گهڻي عرصي کان پوءِ ، نه صرف  هيءَ ننڍي ڍنڍ پنھجي ئي مشھوري جي نطر ٿي، پر ماضي کي سمجهڻ جي سائنس ۾ انقلابي ترقيءَ جي باوجود اڃاتائين واضح ناهي ته انهن ڍانچن جي اصل حقيقت ڇا آهي؟. سن 1942 ۾  جنگلات واري کاتي جي هڪ انڊين  آفيسر  ايچ ڪي ماڌو لال کي روپ ڪند ڍنڍ ۽ ان جي آس پاس ۾ سوين انساني ڍانچا مليا. هن ان عجيب ڍنڍ جي باري ۾ اطلاع ڏنو. ھي ھڪڙي پراسرار ڍنڍ  آھي جتي 300 کان 800 ماڻھو پنھنجي افسوسناڪ انجام تائين پھتا ۽ ڄميل  ھماليہ انھن انساني ھڏن  کي سنڀالي رکيو ويٺي آھي. ھن خوفناڪ جبل جي موجودگيءَ جو اعلان 1950 جي آخر ۾ ڪيو ويو. جنھن کان پوءِ ان ۾ دلچسپي  وڌي وئي ۽ ڪيترائي تحقيقاتي ڪم شروع ڪيا ويا. جن مان ڪجھ اڃاتائين جاري آھن. ھي سب ان ٽريڪنگ ڪندڙ مداحن لاءِ گهٽ حيثيت رکي ٿو جن مون وانگر گذريل ڏهاڪي ۾ رُوپ ڪَند ڏانھن سفر ڪري چڪا آھن ۽ خاص طور تي انھن کي اُتان جا منفرد نظارا ، دلفريب ماٿريون ۽ مشڪل پيچرا پاڻ ڏانھن توجھ جو مرڪز بڻائين ٿا.

Photo Courtesy BBC

اتراکنڊ  رياست جي آبادي وارن علائقن کان تقريبن 5 ڏينھن جي مفاصلي تي موجود ھن 50 ڪلوميٽر کان وڌيڪ رستي / ٽريڪ کي مڪمل ڪرڻ ۾ 5 ڏينھن لڳي وڃن ٿا. اتي ڪجھ ھمالين ڳوٺ اچن ٿا جيڪي عام روايتي گهرن کان سواءِ ٻيو ڪجھ  به نه آھن. عجيب ڪوھيڙي ۽ گاھ سان ڍڪيل بلوط جي وڻن مان گذرندي ھي رستو وڏي انداز ۾ جهنگلي گلن سان ڀريل پھاڙي چراھ گاھ سان گڏ گذري ٿو. جنھن کي ھتان جا ماڻھون بگيال سڏين ٿا. ھي سڀ ھماليه جي مٿاڇري تي موجود آهي. جلد ئي ھماليه جون بلند ۽ بالا چوٽيون نظر اچڻ شروع ڪن ٿيو ۽ ٻن ٽن ڏينهن تائين گاھ جي ڪري بلند نظر اچن ٿيون. سفر جو سڀ کان مٿانھون علائقو  جونار گلي آهي جيڪا 5000 ميٽر جي اوچائي تي موجود آھي. ھي ھڪ ڇُريءَ جي چھنب وانگر تيز اڻ برابر  چوٽي آھي جتان ھماليه ۽ برفاني نظارو مڪمل طرح سان صاف ڏسي سگهجي ٿو. روپ ڪند ھن چوٽي کان 200 ميٽر ھيٺ آھي. جونارگلي جي خطرناڪ گول  رستي  جي باري ۾ ٽريڪرز ۾ ھڪ لطيفو مشهور آهي ته ھڪ به قدم غلط کڻڻ سان جهيل ۾ موجود ھڏن جي ڍير ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويندو. هن ڍنڍ جي ملڻ کان تقريبن 80 سالن جي عرصي کان پوءِ ظاھر ٿيندڙ رازن جي حساب سان ھي  سادو لطيفو ايترو غلط به نه آهي. ڍنڍ ۾ ۽ ان جي آس پاس اڄ به ڪيترا ئي انسانن جا  ھڏا موجود آهن. شروع ۾ ته اھو سمجهيو ويو ته ھي ڍانچا شاھراه ريشم تي ڪنھن بيماري يا ٻي ڪنھن حادثي جي ڪري ھتي موجود آھن. مري ويل انسانن جو تعلق جاپاني فوجين يا تبتي ڪاروباري ماڻھن سان ٿي سگهي ٿو. بعد م سن 2004 ۾ فورينزڪ تجربي کان پوءِ اھو ٻڌايو ويو ته نائين صدي ۾ مردن ۽ عورتن تي ھڪ زائرين جو ٽولو جنھن جي مدد مقامي ماڻهو ڪري رھيا ھئا روپ ڪند ۾ تيز ڳڙي واري مينهن جي اثر ھيٺ اچي ڪري مري ويا. تجربي کان پوءِ کوپڙين تي نشانن جي ڪري اھا خبر پئي. چيو وڃي ٿو ته 12 سالن ۾ ھڪ ڀيرو  ٿيندڙ ھندو زائرين ‘نندا ديوي راج جٽ ياترا’ لاءِ نڪتل ھئا ۽ ھي قديم روايت اڄ تائين جاري آهي. روپ ڪند ڏانھن پيادل سفر جي آخري منزل ھم ڪند جي رستي تي موجود آهي. پوني شهر جي ڏکڻ ۾ آثار قديمه جو ماھر پروفيسر وينا مشريق ترپاٽي 2004 واري  تحقيق جو حصو رھيو آھي.ھو چوي ٿو ته ٽيم اهو به نتيجو اخذ ڪيو  ته اهي ماڻهون صرف زائرين ئي هئا ڇو ته ان جڳھ تي اسلحي جا ڪي به  نشان موجود نه آھن. جنھن مان اھو ثابت ٿئي ٿو ته موت جو ڪارڻ حملو نه آھي ۽ نه ئي ھو ڪي فوجي ھئا. تحقيق دوران انهن کي موسيقي جي اوزارن جا ٽڪرا ۽ پراڻا لوڪ قصا به مليا جيڪي زائرين جا ننڍا ديوي راج جٽ ياترا تي کڻي وڃي رهيا هئا. مشريق ترپاٽي چوي ٿو ڊي اين اي تجزيو ان مفروضي کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو ته اھي مختلف عمر جا مرد ۽ عورتن جو ٽولو ھو. جڏھن مون جڏھن روپ ڪند جو سفر شروع ڪيو ته مون کي ھڏن جي موجودگيءَ جو ھڪڙو عجيب سبب به ٻڌايو ويو. اسان کي ناراض ديوي ديوتائن ، نافرمان زائرين  ۽ ناچ ڪندڙن جون ڪھاڻيون به ٻڌايو ويون.ھر  ڪيمپ جي سائيٽ، هر تلاءُ ۽ رستي ۾ موجود ڪيترائي ٻيا نشان، نوان ماڻھون لوڪ داستان سان سينگاريل هئا. ھن ميلاپ حيرت انگيز فطرت ۽ تصوف جي ھن غير صحتمند روپ ڪند جي نظاري  کي پرجوش ڪري ڇڏيو ھيو. ان ڪري ھي ڪا  حيران ڪندڙ ڳالھ  ناھي ته روپ ڪند اڻڄاڻائي ۾ ھندستاني ٽريڪنگ واري ھن منظر کي تجارتي بنجڻ لاءِ راھ ھموار ڪئي. 2009 ۾  بنگلور جي ھڪڙي ڪمپني روپ ڪند ۾ ھڪڙو سستو گروپ ٽريڪ لانچ ڪيو جنھن کي آن لائن بڪنگ چئي سگھجي ٿو. انڊيا  ۾ آئي ٽي جي عروج جي ڪري ذاتي استعمال کان پوءِ بچيل پئسا ‘ڊسپوزيبل انڪم’  ۾  واڌارو آيو جنھن مدد ڪئي  جو ھندي ھماليه جي نئين رستن تائين پھچڻ ۾ جيڪي انھيءَ زماني ۾  سخت جان جبل چاڙها  ٽائپ ماڻھون ئي ڏسي سگهيا ھئا. منهنجي اتي وڃڻ کان ھڪ سال پوءِ سال 2010 ۾ پھريون قديم انساني جينوم مرتب ڪيو ويو ، جنھن  تيزيءَ سان انقلاب آندو ته اسان پنهنجي ماضيءَ جو مطالعو ڪيئن ٿا ڪريو. ڏسندي ئي ڏسندي روپ ڪند جو راز ھڪ ڀيرو ٻيھر  زنده ٿي پيو. 38 ھڏن جا نمونا حاصل ڪيا ويا ۽  انساني ھڏين جا نمونا جينو ڪ ۽ بائيو ماليڪيولر تجربن لاءِ دنيا جي 16 تجربي گاھن ڏانھن اماڻيا ويا. پنجن سالن جي ڊگھي مطالعي جا نتيجا 2019 ۾ شايع ٿيا انھن دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. نئين تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته 38 ھڏا جينياتي تعلق جي لحاظ کان ٽن مختلف گروهن سان تعلق رکن ٿا ۽ اهي هڪ هزار سالن جي دوران ڪيترن ئي مختلف  موقعن تي ڍنڍ ۾ گڏ ٿيا. اتي  هڪ ڏکڻ ايشيائي گروهه هو جنهن جون هڏيون اندازي مطابق  ستين ۽ ڏهين صديءَ جي وچ ۾ گڏ ٿيون. تحقيقاتي ٽيم کي ماڻھن جو ھڪڙو نئون گروپ پڻ مليو جيڪو ميڊيٽرينينين  واري حصي مان آھي ، جيڪي 19 صدي ۾ ھڪڙي حادثي ۾ فوت ٿي ويا. اتي ھڪڙو نمونو  ڏکڻ ايشيا  جي ماڻھن جو به آھي ۽ انھن جو تعلق به19 ھين صديءَ سان آھي. ان حيرت انگيز ۽ غير معمولي دريافت سان ٽيم انھن جي کائڻ جو به تجزيو ڪيو.  اهو ڏسڻ لاءِ ته  ڊي اين اي ان تجزيي جي نتيجن جي تصديق ڪري ۽ ڊي اين اي اھا تصديق ڪئي.

Photo Courtesy BBC

ميڪس پلانڪ انسٽيٽيوٽ فار دي سائنس آف هيومن هسٽري جي آيوشي نائيڪ چوي ٿي روپ ڪند جهڙين جاين تي جتان جا واقعا عجيب ۽ غريب آھن  ۽ مڪمل طرح کوٽائي جا آثار گهٽ آھن. قديم ڊي اين اي جي ذريعي اسان کي انھن ماڻھن جو جينياتي نسب جي باري ۾ معلومات حاصل ٿي  سگهي ٿي. اھڙو ڪو به تاريخي ثبوت نه ٿو ملي جنهن مان خبر پئجي سگهي ته ھي ماڻهو ڪير ھئا ۽ ھن علائقي م ڪيئن ۽ ڇو آيا؟ نائيڪ چوي ٿي اڃا به ان ٽولي جي ماڻهن جي باري م سوالَ باقي آھن جن جو نسب ھاڻي جي دور ۾ اوڀارين روم جي ماڻھن سان گهڻو ملي ٿو جيڪي روپ ڪند جي دوري تي آيا يا ھو يورپي سياح ھئا. يا وري اھي مقامي ماڻهو ھئا جن جي ابن ڏاڏن جو تعلق بحيره روم سان ھو.  ڇا علائقي ۾ ڪي اھڙيون ٻيون به جڳھون آھن جتي ھن قسم جا انساني باقيات موجود ھجن.جڏھن  مان  پنھنجي روپ ڪند جي سفر کي ياد ڪريان ٿي ته  منھنجو دماغ ان رستي جي تجسس سان ڀريل اوڻانگين ۽ ان جي ملڪيت جو احساس ڪندي ٻڏتر جو شڪار رھي ٿو جن تي اسان بي پرواھ ھلندا رھياسين.  سٺن ڏينھن ۾ خوش ڪندڙ خوبصورتي جي باوجود جڏھن خراب ڏينھن اچن ٿا ته پوءِ ھي بلند ھماليه جبل تمام خطرناڪ ۽ زندگي کي نقصان پھچائيندڙ ٿي وڃي ٿو. گذريل ڪجھ ڏھاڪن جي وقفي سان اتي پھتل ڪيترائي ماڻهون پنهنجي زندگيءَ جي بازي ھارائي ويا. سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته انھن جي موت جا ڪھڙا سبب ھئا. ان مشرقي بحيره روم جي زائرين جي گروہ سميت جيڪي صديون پھريان وقت کان اڳ پنهنجي انجام تي پھتا. مان ان تي به حيران آهيان ته ھنن سڀني جو موت  ڪئين ٿيو. ڇا انھن مان ڪجھ جونار رستي تان ھيٺ ڪري مئا جيڪو اسان مذاق ۾ چوندا ھئا سين. ڇا انھن مان ڪجھ خراب موسم جي ڪري مري ويا جنھن جو اسان کي خيال ھيو. ڇا انهن مان ڪجھ ماڻهو اونچائي تي آڪسيجن گهٽ ھجڻ جي ڪري مئا. جيڪا ھن مٿاهين تي عام آهي. ھي ناممڪن ٿو لڳي ته مختلف ماڻهن جا مختلف  گروھ مختلف وقتن تي ڳڙي واري مينهن جي ڪري مئا هجن. پر اسان وٽ اڄ به ان کان سواءِ ٻيو ڪو به ثبوت ڪونه آهي. مشريق ٽرپاٽي چوي ٿو ته ڳڙي جي ڪارڻ مري ويل زائرين ۾ صرف 6 کان 7 کوپڙيون موجود آھن. منھنجي مطابق ھي راز اڃا مڪمل طرح سان حل نه ٿيو آھي. اسان وٽ جوابن کان وڌيڪ سوال آهن. ھي ماڳ انتھائي پريشان ڪندڙ ۽ غيرمحفوظ آهي. ڪيترن ئي سالن کان ٽريڪرس ھنن انساني ھڏن کي ھيڏانھن ھوڏانھن ڪندا رھيا آھن ۽ ڪجھ ته انھن انساني ھڏن کي يادگار طور پاڻ سان گڏ پنھنجي گهر کڻي آيا آهن. ان جي ڪري سائنس جي ترقي جي باوجود مستقبل ۾ ان جو بلڪل صحيح جواب حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلات پيدا ٿي ويون آھن. سن 2019 جي مطالعي ۽ ڄاڻ تمام گهڻا مسئلا پيدا ڪيا. پر غور طلب ڳالھ اھا آھي ته جيڪڏھن سوين لاشن مان صرف 38 نمونن جي تجربن ان طرح جو طوفان اٿاريو ته پوءِ ان ڄميل قبر ۾ ڪيترا راز دفن ھوندا. جئين اسان اڄ حيرت ۽ پريشاني ۾ ورتل آھيون. ان سان گڏوگڏ ڍنڍ ۾ موجود ڍانچا اڃا به الجھن جو شڪار ٿيندا پيا وڃن. روپ ڪند  ۾ فوت ٿيل ماڻهن جو مرڻ ڪو راز اڃا راز ئي آهي.(هي تحقيقي اسٽوري سوتڪ بسواس ۽ نيلما ڪئي جيڪا بي بي سي تي شايع ٿي ۽ جاويد سولنگي سنڌيار لاءِ ترجمو ڪئي.)jawaid1_solangi@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو