ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سائنسدانن نانگ جي زهر سان ’سپر گلو‘ تيار ڪيو آهي جيڪو ڪنهن به سخت زخم مان وهندڙ رت هڪ منٽ کان به گهٽ وقت ۾ ان کي مڪمل بند ڪري ٿو . سائنسي ترقي جي دور ۾ مختلف زهريلن جاندارن جي زهر تي ريسرچ ٿي رهي آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ماکي جي مک ۾ موجود زهر ’بي وينم‘ سيني جي سرطان يعني بريسٽ ڪينسر جو علاج ٿي سگهي ٿو. آسٽريليا ۾ موجود هڪ جانور پليٽائپس جي زهر سان شگر جو علاج ممڪن آهي.










