زيارت مان اغوا ٿيل پوليس آفيسر سميت 3 ڄڻا بازياب

زيارت مان اغوا ٿيل پوليس آفيسر سميت 3 ڄڻا بازياب

زيارت (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي زيارت ويجهو مانگي واري علائقي مان ٻه هفتا اڳ اغوا ٿيل چئن مان ٽي ڄڻا بازياب ٿي ويا آهن. تفصيلن موجب، ايس پي زيارت طلال شاهه ٻڌايو ته 21 مئي تي ڪڇ هرنائي روڊ تي مانگي واري هنڌ نامعلوم ماڻهن ڪوئلي سان لڏيل پنجن ٽرڪن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو هو.ايس پي زيارت مطابق، ان دوران جوابدار پوليس آفيسر مسعود خان پانيزئي سميت ٻن ڄڻن اشرف خان پانيزئي ۽ جاويد پانيزئي کي مانگي مان، جڏهن ته هڪ شخص ملڪ شين گل ترين کي ناڪس واري علائقي مان هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري پاڻ سان گڏ وٺي ويا هئا. ايس پي زيارت طلال شاهه وڌيڪ ٻڌايو ته اربع ڏينهن مانگي مان اغوا ٿيل ٽي ڄڻا بازياب ٿي ويا آهن، جڏهن ته ملڪ شين گل ترين اڃا تائين پتو ناهي (لاپتا آهي)

پهنجو تبصرو موڪليو