خانپورمهر(رپورٽ:آفتاب سيال) خانپورمهر ويجهو زمين جي مالڪي تان ٿيل جهيڙي ۾ پيرسن زخمي، پيرسن جو پنهنجي ڌيءَ سان گڏجي ٿاڻي اڳيان احتجاج ،پوليس هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو، خبرموجب، خانپورمهر ويجهو ڳوٺ سونو پتافي ۾ زخمي جي مالڪي تان پتافي ڌر جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب پيرسن جان محمد پتافي زخمي ٿي پيو، زخمي پيرسن پنهنجي ڌي کي ساڻ ڪري خانپورمهر ٿاڻي تي پهچي جوابدارن خلاف رپورٽ داخل ڪرائي، جنهن بعد پوليس کيس ليٽر ڏئي کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪندي زخمي پيرسن جان محمد پتافي پنهنجي ڌيءَ شبانہ ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي ذاتي هڪ جريب 5 ويسا زمين آهي جنهن تي بااثر جوابدار محمد پتافي ۽ احسان پتافي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، هنن الزام هنيو ته جوابدارن گهر تي ڪاھ ڪري زخمي ڪيو آهي، پوليس جون اختياريون انصاف فراهم ڪن، هوڏانهن پوليس الزام هيٺ آيل ڌر جي محمد پتافي کي گرفتار ڪري ورتو آهي..










