دادو(ن سنڌيار) دادو ويجهو ڳوٺ فتح محمد چانڊيو جي رهواسين جو زرعي زمين تي مبينا قبضي خلاف دادو جي ايس ايس پي چونڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، مظاهرين راحب چانڊيو، حسن چانڊيو، نادر چانڊيو، عرض محمد چانڊيو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڳوٺ جي بااثر غلام مصطفيٰ چانڊيو، عبدالمجيد چانڊيو، عبدالحفيظ چانڊيو ۽ ٻين اسان جي 100 جريب زرعي زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي ۽ زمين جي مالڪ رفيق پٽ عرض محمد چانڊيو کي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاھ نيو ويو آهي، بااثرن خلاف حد جي پوليس جي ايس ايڇ او اڪبر کوسو کي ڪيس داخل ڪرڻ لاء چيو پر هن پاران ڪيس داخل نه ٿو ڪيو وڃي، جنهن ڪري نتيجن بااثر اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، احتجاج ڪندڙن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان روزيدار آهيون نٽهڻ اس تي ڌرڻو هڻي ويٺل آهيون پر ايس ايس پي سميت ڪو به نوٽيس وٺڻ لاء تيار نه آهي.

مظاهرين آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون کان گهر ڪئي ته زمين تي قبضو ڪندڙ ۽ حملي آورن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي****دادو جي سينئير صحافي ۽ ليکڪ علي گوھر سومرو پاران زرعي زمين تي مبينا قبضي خلاف اڄ 10 ڏينهن به دادو پريس ڪلب اڳيان مرڻ گھڙي تائين بک ھڙتال جاري رکي، بک هڙتال تي صحافين ۽ شهرين پڻ شرڪت نعريبازي ڪئي، صحافي علي گوهر چيو ته منهنجي ڪاڇي واري زمين تي مقامي بااثر حسين جمالي ۽ ٻين قبضو ڪري ڇڏيو آهي، قبضه خورن خلاف دادو جي عدالت ۾ ڪيس هلندڙ آهي ان باوجود بااثرن جو زرعي زمين تي قبضو جاري آهي جيڪي ڪڻڪ ۽ ٻيو فصل پوکي کڻي رهيا آهن، زرعي زمين تان قبضو ختم نه ڪرايو ويو ته مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جو سلسلو جاري رکيو ويندو مظاهرين پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، پ پ ضلعي دادو جي صدر ايم اين اي دادو جوهي رفيق احمد جمالي ۽ پ پ ايم پي اي جوهي سيد صالح شاھ سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته زرعي زمين بابت ڪيل فيصلي تي عمل ڪرائي صحافي علي گوهر سان انصاف ڪيو وڃي.










