ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪار شاهد ڪپور پنهنجي زال ميرا راجپوت کي فخر جو ذريعو قرار ڏيندي چيو ته هن زندگي ۾ هڪ تمام مضبوط فيصلو ڪيو.ميرا راجپوت 2015 ۾ 21 سالن جي عمر ۾ شاهد ڪپور سان شادي ڪئي، جنهن مان کين 2 ٻار ڌيءَ ميشا ۽ پٽ زين آهن،هڪ انٽرويو ۾ شاهد ڪپور چيو ته ميرا شادي کانپوءِ ٻارن کي ترجيح ڏني، ڪيريئر کي نه، هن اهو مضبوط فيصلو پاڻ ورتو، جنهن تي مونکي فخر آهي. اداڪار وڌيڪ چيو ته ميرا جي پنهنجي شخصيت آهي ۽ منهنجي پنهنجي آهي، هن هاڻي ڪيتريون ئي شيون شروع ڪري ڇڏيون آهن، اهو ئي سبب آهي جو هن پنهنجي شادي جي شروعات ۾ پنهنجي ڪيريئر تي نه پر خاندان شروع ڪرڻ تي ڌيان ڏنو.










