رڻ شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن پاران پيادل مارچ

ڪلوئي (رپورٽ غلام مصطفي نهڙيو)رڻ شاخ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ ايريگيشن انتظاميا پاران پاڻي منڍ جي واهن کي پئسن عيوض وڪرو ٿيڻ خلاف ٽيل آبادگارن اڳواڻن جو  ڪلوئي ونگو کان 30ڪلو ميٽر پيادل  لانگ مارچ گل موري تي ڇهه ڪلاڪ ڌرڻو آبپاشي عملدارن پھچي ڳالھيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو.سختي سان نوٽيس ورتو آهي سڀني آبادگارن کي ھٿ ٻڌي عرض ڪريان ٿو احتجاج ختم ڪن 24 ڪلاڪن ۾ رڻ شاخ ۾ پاڻي کوٽ ختم ڪندس انجنيئر وسيم ڊومڪي ڪرپٽ ڪامورن سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي سندن حصي جو پاڻي وڪرو ڪيو آھي سنڌ سرڪار جي آشيرواد سان سنڌ جي زراعت کي هٿ سان تباه ڪيو پيو وڃي رڻ شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف ٽيل آبادگارن  ايسوسيئيشن صدر عثمان ھالا جي سڏ تي بدين بچايو ڪاميٽي جي اڳواڻ عزيز الله ڏيرو رڻ شاخ جي آبادگار اڳوڻو ضلعي ناظم ٿر ارباب انور ارباب عنايت الله اڳوڻو ايم پي اي ارباب ذوالفقار ربڏنو نهڙيو  موسي احمداڻي بابو جان لنڊ غني واھنداڻي عبدالڪريم ھالو  بابو نھڙيو بھادر لنڊ  آدم لنڊ جي اڳواڻي ۾ ونگو پتڻ کان 30 ڪلوميٽر موٽرسائيڪلن تي ريلي ڪڍي جيڪا مختلف ھندن کان ٿيندي ٻاويه ميل گل موري تي پھچي مٺي نئون روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا جتي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي اڳواڻن  چيو ته رڻ شاخ تي مقرر ڪرپٽ ايس ڊي او شاڪر ميمڻ ھٿرادو پيئسن عيوض پوڇڙي جي آبادگارن جي حقن تي ڌاڙو هڻي وڪرو ڪري رھيو آھي جيڪو پوڇڙي جي آبادگارن سان ناانصافي آهي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته زرداري ليگ سنڌ جي تباهيءَ ڪري ھاڻي زراعت پويان ڪاھي پئي آھي جيڪا ھارين نارين جو معاشي قتلام ڪري کين بک بدحالي طرف ڌڪي رھي آھي ھن وقت سنڌ ۾ بيٺل ھزارين ايڪڙن تي فضل سڪي ٺوٺ ٿي ويا انھن انسان ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن پرائم منسٽر پاڪستان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته رڻ شاخ جي ٽيل سميت سنڌ جي سمورن ٽيلن تي پاڻي پھچائي نه ته ٻي صورت ۾سخت احتجاج ڪيو ويندو جنهن کانپوءِ انجنيئر مٺڙائو وسيم ڊومڪي سب ڊويزن ايس ڊي او شاڪر حبيب ميمڻ گل موري تي لڳل ڌرڻي ۾ پھچي مظاھرين سان ڳالهيون ڪيون انجنيئر جي يقين ڌياني تي مظاھرين ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ انجنيئر مٺڙائو عاجز ڌامراھ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رڻ شاخ جي آبادگارن جو جائز مطالبو آهي رڻ شاخ ۾ 24 ڪلاڪن اندر رڻ شاخ ۾ ڦل گيج ڏئي پاڻي کوٽ ختم ڪئي ويندي آبپاشي عملدارن جو چوري ۾ ملوث ھوندا ته سختي سان پيش اچبو جڏهن ته رڻ شاخ جي سوين آبادگارن پاران ھيل ڌرڻي ۾ لاڙ ۽ ٿر جي مشهور ڪئپير ۽ سگھڙ فقير مھر علي جمالي انقلابي شاعري پڙهي مظاهرين کي جھومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو