رڪشي جو ٽڪر، موٽرسائيڪل تي ويٺل ٻارڙو پيپلز بس هيٺان اچي فوت

رڪشي جو ٽڪر، موٽرسائيڪل تي ويٺل ٻارڙو پيپلز بس هيٺان اچي فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڊيفنس موڙ جي ويجهو پيپلز بس هيٺان اچي ٻارڙو فوت ٿي ويو. ريسڪيو اختيارين موجب فوت ٿيندڙ 12 سالن جي ٻار جو مڙهه جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.شروعاتي طور تي فوت ٿيندڙ ٻار جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. پوليس موجب موٽرسائيڪل سوار جو پهريان رڪشي سان ٽڪر ٿيو، موٽرسائيڪل جي پٺيان ويٺل ڇوڪرو روڊ تي ڪري پيو ۽ بس جي هيٺان اچي ويو.حادثي بابت پوليس جو چوڻ آهي ته بس ڊرائيور کي بس سميت حراست ۾ ورتو ويو آهي، موٽرسائيڪل سوار شخص رڪشي جو پيڇو ڪرڻ لاءِ ويو هو جيڪو واپس ناهي آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو