رٽائرمينٽ بعد سرڪاري گهر ڏيو، عارف علوي جي درخواست

رٽائرمينٽ بعد سرڪاري گهر ڏيو، عارف علوي جي درخواست

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر عارف علوي کي رٽائرمينٽ بعد سرڪاري رهائش ڏين واري ڪيس ۾ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 9 آڪٽوبر تي جواب طلب ڪري ورتو آحي. جسٽس محمد فيصل ڪمال عالم جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ اهڙو حڪم جاري ڪيو آهي. اڳوڻي صدر جي وڪيل ايڊوڪيٽ علي طاهر موجب هي ڪيس 2023 کان عدالت ۾ داخل آهي جنهن جي ٻڌڻي نه پئي ٿي. هن چيو ته 2018 کان 2023 تائين عارف علوي صدر رهيو، قانون موجب کيس باٿ آئيلينڊ ۾ رٽائرمينٽ بعد گهر نمبر 3 اَٰٰي الاٽ ٿيو. بعد ۾ هائوسنگ واري وزارت کيس گهر خالي ڪرڻ جو چيو ۽ کيس گهر نمبر 5 اَي الاٽ ڪيو ويو. جنهن ۾ ڪسٽم آفيسر شهاب رهائش پذير آهي، تنهن سنڌ هاءِ جورٽ کان عارف علوي کي ڌر بنائڻ بنا اسٽي آرڊر ورتو. جنه خلاف ان وقت عارف علوي ڪيس داخل ڪيو. وڪيل ٻڌايو ته گهر نمبر 3 اي رٽائرڊ ڪيپٽن کي الاٽ ڪيو ويو آهي جنهن قبضو به وٺي ڇڏيو ۽ گهر ۾ رکيل ڪجهه سامان به کڻائي ڇڏيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو