ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچيءَ لاءِ انتهائي اهم ريڊ لائين بي آر ٽي منصوبي جي ڪم ۾ وڌيڪ تيزي آڻ جا حڪم ڏئي ڇڏيا آهن. سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ و ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ريڊ لائين بي آر ٽي منصوبي جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ منصوبي تي جاري اڏاوتي ڪم، مختلف مرحلن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي، درپيش ٽيڪنيڪي ۽ انتظامي چئلينجن ۽ ايندڙ لائحه عمل تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سي اي او ٽرانس ڪراچي زبير چنا، منصوبي جا صلاحڪار، انجنيئر ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار شريڪ ٿيا.اجلاس دوران لاڳاپيل عملدارن سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي منصوبي جي مجموعي اڳڀرائي، مختلف اڏاوتي پيڪيجز، يوٽيلٽي شفٽنگ، بي آر ٽي اسٽيشنن جي اڏاوت، ڊيپو، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين اهم معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي منصوبي جي مختلف حصن تي جاري ڪم جي رفتار، مقرر ڪيل هدفن، ٽائيم لائين ۽ مستقبل جي مرحلن کان به آگاهه ڪيو ويو.اجلاس ۾ ڳالهائيندي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ريڊ لائين بي آر ٽي ڪراچيءَ جي عوام جي سهولت ۽ شهر جي جديد ٽرانسپورٽ نظام لاءِ هڪ نهايت اهم عوامي ڀلائيءَ وارو منصوبو آهي، تنهن ڪري ان تي جاري سمورن اڏاوتي ڪمن ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي ته جيئن منصوبو مقرر مدي اندر مڪمل ٿي سگهي. هن هدايت ڪئي ته هر مرحلي کي طئي ٿيل شيڊول ۽ مقرر ٽائيم لائين موجب مڪمل ڪرڻ لاءِ موثر ۽ عملي قدم کنيا وڃن.شرجيل انعام ميمڻ ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته منصوبي جي تڪميل ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ ڪنهن به ٽيڪنيڪي يا انتظامي رڪاوٽ کي فوري طور ختم ڪيو وڃي ۽ ان مقصد لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن وچ ۾ موثر رابطي، بهتر ڪوآرڊينيشن ۽ باهمي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي. هن هدايت ڪئي ته ريڊ لائين بي آر ٽي منصوبي کي اعليٰ معيار، شفافيت ۽ مقرر هدفن موجب مڪمل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪم آندا وڃن ته جيئن ڪراچيءَ جي شهرين کي جلد کان جلد جديد، محفوظ ۽ معياري سفري سهولتون فراهم ڪري سگهجن.










