بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چين هڪ اهڙو لچڪدار ۽ مضبوط ڪوٽنگ مواد تيار ڪيو آهي، جيڪو اسٽيلٿ (Stealth) هوائي جهازن لاءِ استعمال ڪيو ويندو. هي نئون مواد جهازن کي ريڊار کان لڪائڻ ۾ مدد ڏيندو ۽ سخت موسمي حالتن يا تيز رفتار اڏامن دوران به پنهنجو اثر برقرار رکندو. چيني سائنسدانن موجب، اهو ڪوٽنگ وارو مواد نه صرف هلڪو وزن رکي ٿو پر وڏي پيماني تي موڙجڻ ۽ دٻاءُ برداشت ڪرڻ جي صلاحيت به رکي ٿو، جنهن ڪري اهو جديد فوجي ۽ دفاعي استعمال لاءِ تمام موزون آهي. اهو مواد خاص طور تي اسٽيلٿ ڊرونز ۽ فائٽر جيٽس تي لاڳو ڪيو ويندو، جتي ريڊار ريڊيئيشن جي عڪاسي کي گهٽائڻ لاءِ اهڙي ٽيڪنالاجي ضروري هوندي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته چين جي هي ترقي مستقبل ۾ اسٽيلٿ يعني ڳجهي جهازن جي ٽيڪنالاجي ۾ هڪ نئون باب کوليندي.










