حساس ٺڪاڻن تي سيڪيورٽي سخت، ڪمانڊوز مقرر

حساس ٺڪاڻن تي سيڪيورٽي سخت، ڪمانڊوز مقرر

لاهور: ( ويب ڊيسڪ ) ڪوئٽه ڌماڪي کان پوءِ ريلوي پوليس سموري ملڪ ۾ سيڪيورٽي انتظامن کي انتهائي سخت ڪري ڇڏيو آهي.
ريلوي پوليس جي ترجمان موجب ڪوئٽه بم ڌماڪي جي حوالي سان سمورن ريلوي اسٽيشنن تي پوليس اهلڪارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ريلوي حدن ۾ واقع مسجد، امام بارگاهن، عيد گاهن، مزارن ۽ ٻين مذهبي هنڌن تي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بنائي ويندي. اهڙي طرح حساس مذهبي هنڌن ۽ عيد اجتماعن تي اضافي پوليس نفري مقرر ڪرڻ جون به هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
هن وڌيڪ چيو ته ريلوي ٽريڪ، مسافر، مال گاڏين، اهم ٺڪاڻن، ريلوي ياڊز، اسٽورز، ورڪشاپس ۽ آفيس جي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪئي پئي وڃي. ريلوي اسٽيشنن، پلن، ٽريڪس ۽ حساس هنڌن تي باقاعده سرچ سوئپ ۽ گشت ۾ به اضافو ڪيو ويندو. هوانهن ٽرينن ۽ ريلوي اسٽيشن تي تربيت يافته ۽ هٿياربند ڪمانڊوز مقرر ڪيا ويندا.
ترجمان موجب ريلوي انتظاميه، ضلعي پوليس، انٽيليجنس ادارن، ريسڪيو سروسز ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ سان ويجها رابطه رکڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. انهي دوران شڪي ماڻهو سامان، گاڏين ۽ لاوارث شين جي سخت چيڪنگ ۽ نگراني ڪئي ويندي. سي سي ٽي وي ڪيمرائن، انٽيليجنس بيسڊ نگراني، داخلي ۽ خارجي رستن جي موثر مانيٽرنگ کي يقيني بنايو پيو وڃي.
ريلوي اختيارين هدايت جاري ڪيون آهن ته سموريون سيڪيورٽي ڊيوٽيون، نفري جي مقرري ۽ ذميوارن تي ٻڌل جامع سيڪيورٽي پلان تيار ڪري فوري طور لاڳاپيل آفيس ڏانهن اماڻيو وڃي اهي قدم ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان بچڻ ۽ مسافرن جي تحفظ کي يقيني بنائڻ جي لاءِ کنيا ويا آهن ته جيئن ريلوي نيٽ ورڪ کي محفوظ بنائي سگهجي

پهنجو تبصرو موڪليو