اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پنهنجي هڪ فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته رياست عوامي مفاد ۾ زمين حاصل ڪري سگهي ٿي، پر زمين جي اصل مارڪيٽ ويليو (موجوده قيمت) کي به نظر ۾ رکڻ ضروري آهي.سپريم ڪورٽ صوابي ۾ زمين واري ڪيس ۾ پنهنجو فيصلو جاري ڪندي خيبر پختونخواهه حڪومت جا سمورا اعتراض رد ڪري ڇڏيا ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو. سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته زمين جي اصل مارڪيٽ ويليو کي به نظر ۾ رکڻ ضروري آهي، صرف سرڪاري ريٽ تي زمين جو معاوضو مقرر نٿو ڪري سگهجي. عدالت چيو ته زمين جي معاوضي جو اصول “سوني جي بدلي سونو هجڻ گهرجي تانبو نه”، زمين جي مستقبل جي اهميت به معاوضي جي تعين ۾ شامل هوندي، جڏهن ته زمين حاصل ڪرڻ ۾ دير سبب قيمتن ۾ ٿيندڙ واڌ کي به ڏٺو ويندو. سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو ته منصفاڻو معاوضو هر متاثر شهريءَ جو آئيني حق آهي، رياست عوامي مفاد ۾ زمين حاصل ڪري سگهي ٿي، پر مناسب معاوضو ڏيڻو پوندو. واضح رهي ته هي ڪيس صوابي ۾ نهر (نالي) جي منصوبي لاءِ حاصل ڪيل زمين جي معاوضي بابت هو، جتي زمين جي مالڪن سرڪاري معاوضي کي گهٽ قرار ڏئي عدالت سان رجوع ڪيو هو. هن ڪيس ۾ ريفرنس ڪورٽ ثبوتن جي بنياد تي زمين جي مالڪن جو معاوضو وڌائي ڇڏيو هو ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ به ريفرنس ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو هو، پر خيبر پختونخواهه حڪومت وڌيل معاوضي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو.










