رياست حقيقت کي لڪائي پئي ته دهشتگردي وڌي وئي آهي: رضا رباني

رياست حقيقت کي لڪائي پئي ته دهشتگردي وڌي وئي آهي: رضا رباني

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي چيئرمين سينيٽ ميان رضا رباني جو چوڻ آهي ته رياست ان حقيقت کي لڪائي رهي آهي ته ملڪ خاص ڪري خيبرپختونخواهه ۾ ڪجهه مهينن کان دهشتگردي وڌي رهي آهي.اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي چيئرمين سينيٽ ميان رضا رباني چيو آهي ته جنگبندي باوجود تحريڪ انصاف جي ظاهر ٿيڻ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته رياست عوام کي اوندهه ۾ رکڻ چاهي ٿي.سندس چوڻ آهي ته وقتي حملن، اغوا ۽ ڀتا خوري جا ٺوس ثبوت موجود آهن، سوات جي عوام دهشتگردي خلاف وڏيون ريليون ڪڍيون آهن.ميان رضا رباني چيو آهي ته رياست بيگناهه شهرين تي اينٽي ٽيررازم ايڪٽ لاڳو ڪرڻ تي ڀاڙي ٿي.هن چيو ته فاٽا جي خيبرپختونخواهه ۾ ضم ٿيڻ جي 4 سالن کانپوءِ به رياست انفراسٽرڪچر فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي.اڳوڻي سينيٽ چيئرمين وڌيڪ چيو ته رياست شدت پسندي خلاف پرامن شهري تحريڪن ۾ شامل ٿيڻ کان به انڪار ڪيو آهي.پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ميان رضا رباني جو چوڻ آهي ته مون ڪيترائي ڀيرا مطالبو ڪيو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل اجلاس سڏايو وڃي پر ڪنهن به نه ٻڌي.

پهنجو تبصرو موڪليو