ڊرگھ بالا(ن س)ڊرگھ بالا ويجهو ڪاڇي جي ڳوٺ ٻهاول ٻٻر لنڪ روڊ جو ڪم مڪمل نه ڪرايو ويو برساتن کان پهرين روڊ تي پٿر لهرائي ٺيڪيدار غائب ٿي ويو پيل پٿرن سبب ڳوٺ ڏانهن اچ وڃ وارو رستو به بند ٿي ويو پٿرن ۾ وڻ ڦٽي ويا. ڳوٺاڻن پاران روڊ جو ڪم فوري طور مڪمل نه ڪرائڻ سبب عدالت وڃڻ جو چتاءُ خبر موجب ڊرگھ بالا شهر ويجهو ڳوٺ بهاول ٻٻر جي لنڪ روڊ جو ڪم رولڙي جو شڪار برساتن کان اڳ ٺيڪيدار پٿر لهرائي غائب ٿي ويو روڊ مٿان پيل پٿرن سبب ڳوٺاڻن جو اچ وڃ وارو رستو به بند ٿي ويو آهي ڳوٺ جي رهواسين .شاه محمد ڀرڳڙي خادم لانگاھ. حاجي مريد ٻٻر۽ ٻين چيو ته روڊ جو رهيل ڪم جلد مڪمل ڪرائي رستوبحال نه ڪيو ويو ته ٺيڪيدار ۽ ٻي انتظاميه خلاف عدالت ۾ درخواست ڏينداسين










