روشن ڊجيٽل اڪائونٽن جو انگ 7 لک کان وڌي ويو

روشن ڊجيٽل اڪائونٽن جو انگ 7 لک کان وڌي ويو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسٽيٽ بئنڪ موجب روشن ڊجيٽل اڪائونٽس جو انگ 7 لک کان وڌي ويو آهي.اسٽيٽ بئنڪ موجب جون 2024ع ۾ 10168 روشن ڊجيٽل اڪائونٽس کوليا ويا، مالي سال 24ع ۾ 126 هزار 893 روشن ڊجيٽل اڪائونٽس کوليا ويا، جنهن کانپوءِ روشن ڊجيٽل اڪائونٽس جو انگ 712 هزار 778 ٿي ويو.اسٽيڪ بينڪ جي عملدارن موجب جون ۾ روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ۾ 200 ملين ڊالر ۽ مالي سال 2024ع ۾ 2 ارب ڊالر روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ۾ جمع ڪرايا ويا، جڏهن ته سيپٽمبر 2020ع کان جون 2024ع تائين روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ۾ ڪل 8.25 بلين ڊالر جمع ڪرايا ويا.اسٽيٽ بئنڪ موجب روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ۾ جمع ڪيل 5.21 ملين ڊالر مقامي طور استعمال ڪيا ويا، اڪائونٽس مان 1.61 بلين ڊالر ڪڍيا ويا، جڏهن ته جون 2024ع تائين روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ۾ 1.43 بلين ڊالر بقايا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو