روس کان سستو تيل ۽ گئس خريد ڪرڻ تي ڳالهيون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)روس کان سستو تيل ۽ ايل اين جي خريد ڪرڻ واري معاملي تي پاڪستان اسٽريم گئس پائيپ لائين تي ٽن ڏينهن واري ڳالهه ٻولهه شروع ٿي وئي.ذريعن موجب ماهرن جي سطح تي اڄ پهرين ڏينهن جي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، جيڪي بين الصوبائي ڪميشن جي سطح تي ٿي رهيا آهن، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جا وزير به سڀاڻي اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزارتي سطح جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي اياز صادق ڪندو ۽ پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ به شرڪت ڪندو.ذريعن موجب روس جو توانائي وارو وزير اڄ پاڪستان پهچي رهيو آهي، ڳالهين ۾ روس کان خام تيل، پيٽرول ۽ ڊيزل سستي اگهن تي خريد ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته روس کان ايل اين جي شيئر ۽ پاڪستان اسٽريم گئس پائيپ لائين جي تعمير جو معاملو به ايجنڊا ۾ شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو