ماسڪو(ويب ڊيسڪ)روس يوڪرين تي فوجين کي زهريلي ڪيميڪل ڏيڻ جو الزام لڳايو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب 31 جولاءِ تي روسي فوجين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ فوجين جي جسمن مان بوٽولينم ٽوڪسن بي نالي زهريلو ڪيميائي مادو مليو.روس جي بچاءَ واري وزارت يوڪرين تي ڪجهه روسي فوجين کي زهريلي ڪيميائي مادو ڏيڻ جو الزام هنيو آهي، يوڪرين ان الزام کي رد ڪري ڇڏيو آهي.يوڪرين جي گهرو وزارت جي صلاحڪار روسي الزام جو جواب ڏيندي چيو آهي ته روسي فوجين ٿي سگهي ٿو ختم ٿيل گوشت کائي ڇڏيو، جنهن ڪري اهي بيمار ٿي پيا.روسي بچاءَ واري وزارت اهو به چيو آهي ته يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي کي ڪيميائي دهشتگردي جي اجازت ڏني آهي ۽ روس سمورن ثبوتن کي گڏ ڪري هڪ تجزياتي رپورٽ تيار ڪري رهيو آهي، جنهن جا نتيجا ڪيميائي هٿيارن جي پابندي واري تنظيم کي ڏنا ويندا.










