اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته روسي خام تيل وارو جهاز رستي ۾ آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصدق ملڪ چيو ته معاهدي تحت روس تيل جي قيمت نه ٿو ٻڌائي سگهي، پاڪستان کي روسي خام تيل تي سٺي رعايت ملندي.هن چيو ته پاڪستان ۾ 14 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري سان ريفائنري ٺاهي پئي وڃي، عالمي مالياتي ادارن جي اعتراضن سبب عوام لاءِ سستو پيٽرول پيڪيج تي عملدرآمد في الحال روڪيو ويو آهي پر جيڪڏهن روسي خام تيل پاڪستان آيو ته پاڪستاني تيل سستو ٿيندو. مملڪتي وزير چيو ته ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته پاڪستان ۾ پيٽروليم جون شيون سستيون ٿين ته عالمي منڊي ۾ سستيون ٿين، جيڪڏهن اهي قيمتون وڌيون ته پاڪستان ۾ گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.هن چيو ته ملڪ ۾ گئس جا ڪنيڪشن کولڻ جون ڳالهيون درست ناهن.










