نواب شاھه (رپورٽ اي ڪي ڏاھري) ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن رشيد احمد زرداري چيو آهي ته رمضان المبارڪ دوران ڊويزن ۾ احترام رمضان آرڊينيس تي سختي سان عملدرآمد ڪيو وڃي منافعي خورن ۽ ذخيرو ڪندڙن خلاف پرائيس ڪنٽرول ايڪٽ تحت سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ ڪمشنر آفيس جي ڪميٽي روم ۾ احترام رمضان آرڊينيس تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ ٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو ان موقعي تي ڪمشنر ٽنهي ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته پنهنجي ضلعن ۾ مارڪيٽ ڪميٽين کي فعال بڻائي روزاني جي بنياد تي ڀاڄين ۽ ميون جا مناسب اگھ مقرر ڪيا وڃن جڏهن ته ٻين روزاني استعمال وارين شين جي قيمتن جو ضلعي سطح تي تعين ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ڪمشنر بيورو آف سپلائي ۽ پرائسز ڪنٽرول جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ دوران مارڪيٽن جا دورا ڪري شين جون قيمتون چيڪ ڪرڻ سان گڏ شين جو معيار ۽ مقدار پڻ چيڪ ڪيو وڃي انهي موقعي تي ٽنهي ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن پاران رمضان المبارڪ دوران امن امان جي قيام، احترام رمضان آرڊينيس ۽ روزاني جي بنياد تي استعمال ٿيندڙ شين جون قيمتون مقرر ڪرڻ سميت ٻين انتظامن بابت کنيل قدمن جي حوالي سان آگاهي ڏني اجلاس دوران ڪمشنر ٽنهي ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي اها پڻ هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ شروع ٿيندڙ ستين گهر ۽ آدم شماري جي لاءِ عملي جي مقرري 31 مارچ تائين يقيني بڻائي وڃي جڏهن ته پنهنجي ضلعن ۾ تعليم ۽ صحت جي بهتري لاءِ پڻ قدم کڻن ان کانسواءِ جانورن ۾ ڦهلجندڙ ليمپي اسڪن بيماري کي ڦهلجڻ کان روڪڻ لاءِ مڇر مار اسپري سان گڏوگڏ ڪتا مار مهم شروع ڪرائي وڃي ڪمشنر ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ کي هدايت ڪئي ته سڀني شهرن ۾ صفائي سٿرائي جي صورتحال کي بهتر بنائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن اجلاس ۾ ايڊيشنل ڪمشنر شهيد بينظيرآباد فياض حسين راهوجو، ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد عامر حسين پنهور، ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا، ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد تاشفين عالم، ڊائريڪٽر ڪالجز شاهده تاج ابڙو، ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ عبدالستار راٺوڙ، ڊائريڪٽر تعليم نادر حسين سومرو، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن غلام عباس ڳوراهو،ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر عنايت الله ميراڻي، اسسٽنٽ ڪمشنر روينيو دلشاد عمراڻي، ڊي ايس پي پيارو خان جمالي،بيورو آف سپلائي ۽ پرائس ڪنٽرول جي نمائندن سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي.










