لاهور(ويب ڊيسڪ)شهر قائد سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ اڄ ۽ سڀاڻي گرم ترين ڏينهن ٿي سگهي ٿو موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ پارو 40 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ 49 ۽ 45 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو. انتهائي گرمي ۽ گليشيئرز پگھلڻ سبب اترين علائقن ۾ ٻوڏ اچي سگهي ٿي، جنهن لاءِ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي کي ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف مغربي هوائن جو نئون سسٽم سڀاڻي کان ملڪ جي اولهه وارن علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب مغربي هوائن جو اهو سلسلو 5 مئي تائين جاري رهندو، جنهن ذريعي اسلام آباد، راولپنڊي، مري، ملتان، خوشاب، ڊيرا غازي خان، سکر، ڪوئيٽا، چاغي سميت پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي موجب ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، بدين ۽ ٺٽي ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.










