رستي جي لنگهه ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون، 9 ڄڻا زخمي

رستي جي لنگهه ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون، 9 ڄڻا زخمي

غوثپور (ن س) غوثپور ويجهو ڳوٺ مارک ڀيو ۾ رستي جي لنگهه تان ڀيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو۔ جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٽن عورتن سوڌو 9 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا۔ زخمين ۾ مائي نوازڻ۔ مائي نظام خاتون۔ مسمات وزيران۔ رفيق احمد۔ عظيم ڀيو۔مقصود۔ پرويز ۽ لال محمد شامل آھن۔ واقعي جو اطلاع ملڻ تي غوثپور پوليس جي نفري واقعي واري ھنڌ پھچي سڀني زخمين کي کڻائي شھر جي رورل ھيلٿ سينٽر ۾ آندو جٿي کين ابتدائي طبي امداد ڏني ويئي۔ زخمين مان مسمات نوازڻ خاتون جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ سبب کيس سکر اسپتال موڪليو ويو۔ جھيڙو بشير ڀيو ۽ حاجي بابن ڀيو جي ڌرين ۾ رستي تان تڪرار شروع ٿيو۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو