رحيم يار خان: موٽر وي تي ڌاڙيلن جو حملو، 4 مسافر زخمي

رحيم يار خان: موٽر وي تي ڌاڙيلن جو حملو، 4 مسافر زخمي

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ)رحيم يار خان ۾ سکر-ملتان موٽر وي تي ڌاڙيلن جي حملي ۾ چار ماڻهو زخمي ٿي پيا،رات دير سان هڪ درجن کان وڌيڪ ڌاڙيلن مسافر ۽ مال گاڏين کي نشانو بڻايو.فائرنگ ۾ هڪ بس ڪلينر سميت ٻه ماڻهو زخمي ٿيا، جڏهن ته فائرنگ دوران ڀاڄ ۾ هڪ عورت سميت ٻه ماڻهو زخمي ٿيا، جن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو.ڌاڙيلن فائرنگ ڪئي ۽ ڪيترن ئي گاڏين جا ٽائر ڦاڙي ڇڏيا.حملي جي ڪري موٽر وي پوليس اعظم پور ريسٽ ايريا کان گڊو انٽرچينج تائين روڊ بند ڪري ڇڏيو هو.موٽر وي پوليس جي ترجمان موجب، ملتان-سکر موٽر وي ايم-5 هر قسم جي ٽرئفڪ لاءِ کوليو ويو آهي، پوليس ۽ ريزروسٽ موٽر وي تي گشت ڪري رهيا آهن.هن چيو ته موٽر وي ايم-5 سفر لاءِ مڪمل طور تي محفوظ آهي، ڪنهن به ايمرجنسي يا مدد جي صورت ۾ موٽر وي پوليس هيلپ لائن 130 تي ڪال ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو