پنجاب ۾ رجسٽرار ۽ اي ٽي سي جج سميت 53 سيشن جج تبديل

پنجاب ۾ رجسٽرار ۽ اي ٽي سي جج سميت 53 سيشن جج تبديل

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اي ٽي سي عدالت جي جج سميت 53 سيشن ججز بدلي ڪري ڇڏيا.لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار ۽ 53 سيشن جج سميت اي ٽي سي عدالت جي جج جي بدلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج اعجاز احمد بٽر کي بدلي ڪري لاهور هاءِ ڪورٽ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه اسپيشل ڪورٽ سينٽرل لاهور جي جج فخر بهزاد کي بدلي ڪيو ويو آهي کيس نئين مقرري تائين لاهور هاءِ ڪورٽ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار عرفان احمد سعيد کي ملتان جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي طور تي مقرر ڪيو ويو آهي.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج فيصل آباد شيخ خالد بشير کي رجسٽرار لاهور هاءِ ڪورٽ مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته قيصر نذير بٽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج لاهور، سيشن جج محمد تنوير اڪبر ڊي جي جوڊيشل اينڊ ڪيس مينجيمنٽ لاهور هاءِ ڪورٽ مقرر ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ملتان محمد اڪمل خان کي سرگودها مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سيالڪوٽ جزيله اسلم کي اوڪاڙه مقرر ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو