راند جي حوالي سان پاڪستان دنيا جو محفوظ ملڪ آهي؛ گيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز جي رانديگر ڪرس گيل راندن جي ميزباني ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي دنيا جو محفوظ ملڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. تازو 10 سالن بعد سريلنڪن ٽيم پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ ٽيسٽ سيريز سميت ون ڊي ميچون به کيڏيون جيڪا ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي واپسي ٿي چڪي آهي. پاڪستان ۾ سيڪيورٽي حوالي سان بنگلاديش پرميئر ليگ ۾ کيڏندڙ ويسٽ انڊيز رانديگر ڪرس گيل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ محفوظ جڳهه پاڪستان آهي جتي صدارتي تحفظ ملندو آهي. ياد رهي ته سريلنڪا جي ڪپتان ڊيموٿ ڪرونا رتني به پاڪستان جي ميزباني لاءِ محفوظ ملڪ قرار ڏيندي چيو هو ته پاڪستان ۾ سريلنڪن رانديگرن کي 200 فيصد سيڪيورٽي ملي. ٻئي طرف چيئرمين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ احسان ماني سريلنڪن ٽيم جو شڪريو ادا ڪندي چيو هو ته ان جي اچڻ سان پاڪستان ۾ 10 سالن بعد ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي واپسي ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو