رانجهاڻي قتل ڪيس جي شاهد جو جوابدار کي سڃاڻڻ کان انڪار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جي مک شاهد قاتل رحيم شاهه کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.  سندس بيان سبب ڪيس نئون رخ اختيار ڪري ورتو. اکين ڏٺو شاهد ايڌي ايمبولينس جي ڊرائيور عابد رشيد پنهنجي بيان تان ڦري ويو، هن ملزم رحيم شاهه کي به سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اکين ڏٺي شاهد عابد رشيد دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته 6 فيبروري 2019ع تي فون ڪال تي اطلاع بعد ڀينس ڪالوني پهتس، اتي پهچي ڏٺو ته هڪ شخص زخمي حالت ۾ پيو آهي ۽ ماڻهو کيس ماري رهيا آهن. هن چيو ته پوليس اچڻ بعد زخمي کي کڻي شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي کڻي ويس، جتي اهلڪارن زخمي ارشاد کي جناح اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ چيو. بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته اسپتال وڃڻ دوران موٽرسائيڪل تي ٻن ماڻهن گاڏي روڪي فائرنگ ڪئي. ان موقعي تي هن ملزم رحيم شاهه کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندي چيو ته فائرنگ ڪندڙ ملزم ڪي ٻيا هئا. اهي 27، 28 سالن جي عمر جا هئا، سامهون ايندا ته سڃاڻي وٺندس. واضع رهي ته ان کان اڳ عابد رشيد پوليس کي ڏنل بيان ۾ رحيم شاهه جي سڃاڻپ ڪري چڪو هو، هن پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته ايمبولينس ۾ فائرنگ رحيم شاهه ڪئي. عدالت گواهه جي بيان تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

رانجهاڻي قتل ڪيس جي شاهد جو جوابدار کي سڃاڻڻ کان انڪار” هڪ تبصرو

  1. سموري بجيٽ سيف جي اسڪولن کي ڏعي سرڪاري اسڪول بند ٿا ڪندا وڃن ـٿوري عرصي مـسموري سنڌ سيف حوالي ڪندا

پهنجو تبصرو موڪليو