رائيس ڪئنال  ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو

رائيس ڪئنال ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو

باڊھ:(ن سنڌيار) رائيس ڪئنال ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف جاويد بروهي, حاجي غلام نبي ۽ غلام مرتضئ جي اڳواڻي ۾ آبادگارن ۽ هارين ٽائرن کي باهيون ڏئي ايريگيشن آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي, جنهن سبب لاڙڪاڻو, موئن جو دڙو راڌڻ ۽ نصيرآباد ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رائيس ڪئنال ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري زمينون ڀرجڻ ته پري جي ڳالهه آ پر ٻيجاري لاء به پاڻي ميسر ناهي, هن وقت پاڻي جي کوٽ سبب زمينون مڪمل بنجر بڻيل آهن,هنن چيو ته هڪ طرف پاڻي کوٽ جي مسئلي ڪر کنيو آ ته ٻئي طرف چائنه جا ٻج مهانگي اگهه تي ملڻ سبب آبادگار ۽ هاري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. هنن الزام مڙهندي چيو ته ايريگيشن انتظاميه مختلف ريگيوليٽرس تي پاڻي روڪي بااثر زميندارن کي پئسن عيوض وڪرو ڪري رهي آهي, جنهن سبب باڊھ جي شاخن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي آهي, پاڻي نه هجڻ ڪري ٻيجارو سڪي سڙي رهيو آهي. هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، ايريگيشن جي صوبائي وزير سهيل انور سيال ۽ رائيس ڪئنال جي ڊويزنل انجنيئر کي اپيل ڪندي گهر ڪئي ته بنادير ساريالي فصل لاء گهربل پاڻي ڏئي هاري توڙي آبادگارن کي وڏي نقصان کان بچايو وڃي, ٻي صورت ۾ ايريگيشن انتظاميه خلاف احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو