ذوالفقار علي ڀٽو اظهار راءِ جي آزادي جو حامي هو:آصف زرداري

ذوالفقار علي ڀٽو اظهار راءِ جي آزادي جو حامي هو:آصف زرداري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان جي اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي صدر آصف علي زرداري جو پريس فريڊم جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اهم پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو شهيد اظهار راءِ جي آزادي جو حامي هو عوام جي اڳواڻ عام ماڻهن کي سياسي شعور ڏئي کين ڳالهائڻ جو طريقو سيکاريو. محترمه بينظير ڀٽو شهيد پرنٽ ميڊيا کي پيپر جي کوٽ کان آزاد ڪرايو.ماضيءَ ۾ اخبارن لاءِ ڪاغذن جي کوٽ کي هٿيار طور استعمال ڪري پريس جي آزادي کي محدود ڪيو ويو صحافت جي آزادي جي انهن هيروز کي خراج تحسين پيش ڪجي ٿو جن کي مارشل لا دوران ڪوڙا هنيا ويا ۽ قيد ڪيو ويو. اڄ جڏهن ميڊيا ترقي ڪئي آهي ۽ معلومات جديد ٿي چڪي آهي 1973ع جو آئين اظهار جي آزادي جو تحفظ ڪري ٿو.پاڪستان پيپلز پارٽي صحافت جي آزادي جي حمايت جاري رکندي

پهنجو تبصرو موڪليو