اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ذاتي معاملو ٿيو ته معاملو گهڻو اڳتي نڪري ويندو.اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بلاول ڀٽو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ صبح معلوم ٿيو آهي ته محمود اچڪزئي جي گهر تي ڇاپو ٿيو، مان ان جي مذمت ڪريان ٿو، محمود اچڪزئي صدارتي اميدوار آهي.ان تي اياز صادق چيو ته مون کي ان معاملي جي ڪا به ڄاڻ ناهي.ان دوران محمود اچڪزئي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته مان ڪا جذباتي تقرير يا ڪنهن جي توهين ڪرڻ نه ٿو چاهيان، 15 سالن کان اسان جي گهر ۾ ويڙهه هلي رهي آهي، اسان جا 200 ماڻهو مارجي ويا آهن.










