جدهه(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي پٽ حسين نواز چيو آهي ته هو اڳ ئي جده ۾ پنهنجي گهر ۾ موجود آهي.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ حسين نواز هڪ خانگي ٽي وي نيوز جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو.پنهنجي ٽوئيٽ ۾ حسين نواز چيو ته هو پنهنجي خرچ تي جده آيو آهي.ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي عرب جي ٽن ڏينهن واري دوري لاءِ تياريون جاري آهن ۽ ابتدائي فهرست موجب وزيراعظم جي دوري ۾ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سميت 53 ميمبر شامل هوندا.










