دڪانن جي بلن تي ٽيڪس لاڳو، ڪراچي تاجر اتحاد جو احتجاج

دڪانن جي بلن تي ٽيڪس لاڳو، ڪراچي تاجر اتحاد جو احتجاج

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)آل سٽي ٽريڊرز ايسوسيئيشن دڪانن جي بجلي جي بلن تي ٽيڪس کي حد کان وڌيڪ قرار ڏئي ڇڏيو.آل سٽي ٽريڊرز ايسوسيئيشن چيو آهي ته ڪراچي ۾ جون کان وٺي هر دڪان جي بجلي جي بل تي 6 هزار رپيا سيلز ٽيڪس لڳائڻ سراسر ظلم آهي.هوڏانهن ڪراچي چيمبر جي صدر چيو ته حڪومت ٽيڪس لاڳو ڪندي دڪانن جي سائيز ۾ فرق ناهي ڪيو.ٻئي طرف سنڌ صرافه بازار جيولرز ايسوسيئيشن جيولرز تي 40 هزار ماهوار ٽيڪس لاڳو ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو.جيولرز ايسوسيئيشن سوال اٿاريو ته پهرين جولاءِ کان شروع ٿيندڙ مالي سال جو ٽيڪس گذريل مالي سال کان ڪيئن لاڳو ٿي سگهي ٿو؟

پهنجو تبصرو موڪليو