ديامير ڀاشا ڊيم جي تعمير ۾ دير ملڪي بقا لاءِ خطرو قرار

ديامير ڀاشا ڊيم جي تعمير ۾ دير ملڪي بقا لاءِ خطرو قرار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ديامير ڀاشا ڊيم جي تعمير ۾ دير ملڪ جي بقا لاءِ خطرو بڻجي وئي آهي، سپريم ڪورٽ ڪميٽي رڪاوٽن کي فوري طور تي هٽائڻ جو حڪم ڏنو آهي.واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد سعيد جي صدارت هيٺ منعقد ٿيل ‘ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊيم عملدرآمد ڪميٽي’ جي اجلاس ۾ منصوبي جي ٻن اهم پهلوئن جو جائزو ورتو ويو.سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي ديامير ڀاشا ڊيم منصوبي جي نگراني لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي مقامي برادري ۽ صوبائي اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته ڊيم سان لاڳاپيل تعميراتي رڪاوٽون ختم ڪن ۽ زمين جي حصول جي عمل کي تيز ڪن.ڪميٽي خبردار ڪيو ته وڌيڪ دير ملڪ جي پاڻي، خوراڪ ۽ توانائي جي سيڪيورٽي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو