دوزخ جهڙو سيارو وينس، ڪائنات ۾ زمين جهڙو سيارو ناهي

دوزخ جهڙو سيارو وينس، ڪائنات ۾ زمين جهڙو سيارو ناهي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت دنيا ڀر ۾ موسمياتي تبديلين جو چرچو آهي ۽ اڪثر علائقن ۾ ٿڌ ۽ برف جو ذڪر هلي پيو. اسين اوهان کي جهنم جهڙي سياري بابت ٻڌائينداسين. وينس يعني زهره نالي سيارو ته اوهان ٻڌو هوندو پر اها شايد گهٽ ماڻهن کي خبر هجي ته هي گرم ترين سيارو آهي جتي گرمي جو پد 460 ڊگري تائين وڃي ٿو ۽ ساڍا 8 هزار ڪلوميٽر جي رفتار سان تيز ۽ گرم هوائون هلن ٿيون.

Photo Courtesy BBC and Gettyimages

وينس جي فضا گهري آهي هي ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ تي مشتمل آهي. هن سياري تي زندگي جو تصور ئي ناهي ۽ ڪا به جاندار شئي سيڪنڊن ۾ سڙي ڪوئلو ٿي ويندي. سج جي تابڪاري هتان گزرڻ مهل هن سياري ۾ ڦاسي پوي ٿي. وينس تي زهريلي تيزاب جي بارش ٿئي ٿي جيڪا هيٺين سطح تي پهچڻ کان اڳ ئي سخت گرمائش سبب ٻاڦ جي صورت اختيار ڪري ٿي. اهي ٻاڦ جي صورت ۾ گڏ ٿيندڙ گولا پري کان برف جيان لڳندا آهن پر اها اصل ۾ برف هوندي ناهي. اسانجي نظام شمسي يعني سج جي نظام جي ٻئي سري تي گيس سان ڀريل ٻه سيارا نيپچون ۽ يورينس موجود آهن. هي سيارا زمين کان سڀ کان وڌيڪ ڏوري تي آهن ۽ هتي ميٿين گئس جا تهه ائين ڄميل آهن ڄڻ ڪڪر آهن، هي سيارا سج جي نظام ۾ تمام سخت هوائن جو گهر آهن جتي آواز جي رفتار کان به تيز هوائون هلن ٿيون. ياد رهي ته آواز جي رفتار کان جڏهن به هوا جي رفتار وڌندي آهي ته زوردار ڌماڪو ٿيندو آهي ۽ هتي اهڙا ڌماڪا معمول آهن.هتي گرمي جو پد منفي 200 ڊگري تائين آهي.

Photo Courtesy BBC and Gettyimages

نظام شمسي کان ٻاهر جا سيارا

ٽام لائوڊن برطانيا جي واروڪ يونيورسٽي جو محقق آهي ۽ سندس ڪم اهوا آهي ته هو مختلف سيارن تي موسمياتي معلومات حاصل ڪري. هن ٻڌايو ته وينس تي زهريلي تيزابي بارشن واري مدار کان مٿاڇري تي هڪ جاءِ اهڙي به آهي جتي ماحول اسان جي زمين وانگر آهي.ان جاءِ تي جيڪڏهن اوهان وٽ آڪسيجن آهي ته اوهين ساهه کڻي سگهو ٿا. لائوڊن کي ايگزو پلينٽس يعني نظام شمسي کان ٻاهر جي سيارن بابت وڌيڪ ڄاڻ آهي. جهڙوڪ  HD189733b نالي سيارو آهي جيڪو اسان کان 63 نوري سال پري گهاٽي نيري رنگ جي دنيا آهي. هڪ نوري يا لائٽ سال 9.5 کرب ڪلوميٽر جو فاصلو آهي ۽ ان حساب سان ڌرتي کان هي سيارو 598.5 کرب ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي.هي سيارو زمين جي ڀيٽ ۾ سج کي 20 هوڻ تي ويجهو آهي جتي هوا جي رفتار 8000 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ۽ گرمي جو پد 1600 ڊگري سينٽي گريڊ آهي يعني هتي ٻرندڙ لاوي جيان ماحول آهي. لائوڊن ٻڌائي ٿو ته هتي اسانجي زمين پگهرجي پاڻي ۽ ٻاڦ بڻجي سگهي ٿي.

Photo Courtesy BBC and Gettyimages

هن جو چوڻ آهي ته اسانجي ڌرتي جهڙا سيارا “ايم ڊوارف” يا “ريڊ ڊوارف” سڏجندڙ سيارن جي چوگرد چڪر هڻن ٿا پر اتي زندگي آهي يا نه اهو تحقيق طلب معاملو آهي. چنڊ زمين جي چوگرد ٽائيڊل لاڪنگ واري اصول تي ڦرندو آهي. اهڙي طرح زمين جي هڪ حصي تي روشني ۽ ٻئي تي اونداهي يعني رات ملي ٿي. جڏهن اوهان ڪمپيوٽر تي ماڊلز ٺاهيندا ته مساهدو ٿيندو ته ڏينهن واري حصي مان طوفان رات واري حصي ۾ داخل ٿئي ٿو يعني ڏينهن واري حصي ۾ پاڻي ٻاڦ بڻجي رات واري حصي ۾ ڄمي ويندو. اهڙي طرح هڪ پاسي صحرا ۽ ٻئي پاسي آرڪٽڪ وارو ماحول ملي ٿو. هن مهل تائين جي تحقيق مان اهو معلوم ٿيو آهي ته ڪائنات ۾ زمين جهڙي ماحول وارو سيارو موجود ناهي.

Photo Courtesy BBC and Gettyimages

(هي اسٽوري بي بي سي ارٿ لاءِ جيسن رائلي ڪئي ۽ سندن ٿورن سان سنڌيار لاءِ سنڌي ۾ ترجمو ڪري پڙهندڙن جي سائنسي معلومات لاءِ پيش ڪجي ٿي. ايڊيٽر)

پهنجو تبصرو موڪليو