مٺي(ن سنڌيار) دودو ڀيل قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار حفيظ ملڪ جي عدالت پاران ضمانت رد ڪرڻ بعد جوابدار فرار ٿي ويو. پوليس کيس گرفتار ڪرڻ جي زحمت ئي نه ڪئي، جوابدار آساني سان پنهنجي گاڏي ۾ روانو ٿي ويو، ايڊيشنل سيشن جج مٺي جي عدالت ۾ دودو ڀيل قتل ۽ پورهيت غلام قادر کوکر تي تشدد وارن ڪيسن ۾ جوابدار حفيظ ملڪ جي ضمانت وارين درخواست تي اڄ ٻڌڻي رکيل هئي، عدالت ڪيس ۾ نامزد اسلام ڪوٽ جي اڳوڻي ايس ايڇ او عبدالرزاق جمالي جي ضمانت منظور ۽ ڪول ڪمپني ملازم حفيظ ملڪ جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي.










