دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن معطل

دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن معطل

لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس شاهد ڪريم دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار وفاقي حڪومت سميت ٻين کي ڌر بنائيندي موقف اختيار ڪيو ته دوائن جون قيمتون مقرر ڪرڻ جي لاءِ نگران حڪومت قانون جي ابتڙ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. جنهن سان دوائن جي قيمتن ۾ واڌ ٿيندي. حڪومت دوائن جون قيمتون مقرر ڪرڻ جي سيڪشن ڊرگ ايڪٽ مان ڪڍي رهي آهي.نگران حڪومت وٽ اهو اختيار نه آهي. عوامي ۽ جمهوري حڪومت اچڻ واري آهي اهو قدم اها کڻي سگهي ٿي. موجوده نوٽيفڪيشن آئين ۽ قانون جي ابتڙ آهي. ان ڪري عدالت درخواست جي حتمي فيصلي تائين نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ جو حڪم ڏئي.لاهور هاءِ ڪورٽ نوٽيفڪيشن معطل ڪري نگران پنجاب حڪومت سميت ڌرين کان ايندڙ ٻڌڻي تي جواب طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو