ملڪ ۾ انتشار پکيڙيندڙ سان ڳالهيون ڇو ٿا ڪريو؟ جاويد لطيف

ملڪ ۾ انتشار پکيڙيندڙ سان ڳالهيون ڇو ٿا ڪريو؟ جاويد لطيف

لاهور)ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ جاويد لطيف جو چوڻ آهي ته دٻاءُ هيٺ دهشتگرد گروپ سان ڳالهيون ڪرڻ پاڪستان جي دفاع تي سمجهوتو ڪرڻ برابر آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف دعويٰ ڪئي ته عمران خان کي واپس آڻڻ لاءِ سهولتڪاري ڪئي پئي وڃي. قوم ۾ انتشار پکيڙيندڙ شخص سان ڪهڙي بنياد تي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن؟ جاويد لطيف چيو ته دهشتگردن سان ڪڏهن به ڳالهيون نه ٿينديون آهن. پيٽرول بم اڇلائڻ وارن ۽ جيڪي عالمي طاقتن جا اوزار آهن، انهن سان ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي. قوم مطالبو ڪري ٿي ته نواز شريف خلاف سازش ڪندڙن سان سمجهوتو ڪرڻ بدران انهن سازشن کي انجام ڏيندڙ ادارن جي اهلڪارن کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.هن چيو ته آئين ۽ قانون جو اطلاق رڳو 90 ڏينهن واري اليڪشن ۾ ٿيندو آهي.مسلم ليگ ن جي غلطين جو اعتراف ڪريون ٿا، قوم کي سچ ٻڌائڻ گهرجي ها.ڇا اها قوم جي خواهش ناهي ته سمورا ادارا هڪ صفحي تي هجن؟ هن چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان جو ڪيس بهتر انداز ۾ پيش ڪري رهيا آهيون، ڪڻڪ جي پيداوار تمام گهڻي هئي، معيشت بهتر ٿي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو