اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته دهشتگردي جو وڏو سبب انتهاپسندي آهي. سوشل ميڊيا تي پشاور ۾ جاري ڪيل بيان تي ردعمل ڏيندي فواد چوڌري چيو ته انتهاپسندي کي دشمن جي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي. وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته وڌندڙ انتهاپسندي منبر، اسڪول ۽ پوليس اسٽيشن جو ڪردار ادا نه ڪرڻ جو نتيجو آهي. هن چيو ته رياست جي انتهاپسندي خلاف اهم قدم کڻڻ لاءِ پارليامينٽ ۽ عدليه جو تعاون ضروري آهي، اسان کي اهو قدم کڻڻو پوندو جنهن لاءِ اتفاق راءِ جي ضرورت آهي.










