پشاور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) اڳواڻن چيو آهي ته دهشتگردي جو الزام ڪنهن هڪ پارٽي يا ڪنهن هڪ فيصلي کي نٿو ڏئي سگهي، واضح ڪيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ناجائز طور تي حڪومت ٺاهي وئي ته انهي کي هلڻ نه ڏينداسين. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس جي دوران پي ٽي آءِ اڳواڻن سلمان اڪرم راجا، جنيد اڪبر ۽ اسد قيصر واضح ڪيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف قوم جي شهيدن، رياست ۽ قانون سان گڏ بيٺل آهي، خيبرپختونخواهه ملڪ ۾ ترقي ۽ استحڪام چاهي ٿي.پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ آئيني تبديلي کي غير آئيني طريقي سان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ اسان کي هر طريقي سان ڊيڄاريو پيو وڃي. هن چيو ته ملڪ جي خاطر حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙن سان گڏ بيٺل آهيون، ملڪ طرف ميري اک سان ڏسندڙن جي خلاف آهيون، جنگ ۽ جدل جو سلسلو هاڻ ختم ڪرڻو پوندو.هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ گذريل ڏهاڪي کان رتو ڇاڻ آهي. دهشتگردي جو الزام ڪنهن هڪ پارٽي يا فيصلي کي نٿو ڏئي سگهجي، اسان کي ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي دهشتگرد کي ملڪ ۾ ترسايو ويو آهي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته هر فيصلي ۾ سڀني کي گڏ کڻي هلڻ گهرجي. هٿيارن ۽ بارود سان دهشتگردي جو حل نٿو نڪري سگهي. 2021 ۾ هڪ منصوبو پيش ٿيو جنهن کي حڪومت رد ڪيو هو. نيشنل سيڪيورٽي ڪونسل ۾ ڳالهين جو فيصلو ٿيو هو. سلمان اڪرم راجا چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ دهشتگردي گهڻي نه هئي، ساڍا 3 سال اڳ افغانستان سان اسان جا سٺا لاڳاپا هئا. هن چيو ته اسان تي غداري جو الزام نه لڳايو وڃي. اسان سڀ پاڪستان جا خير خواهه آهيون. صوبي ۾ وڏ وزارت جي تبديلي نئين شروعات آهي. ڪنهن سان مقابلو نه آهي. اسان کي گورنر راڄ جو چيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان صوبي ۾ گورننس کي وڌيڪ بهتر ڪنداسين. خلا پيدا ٿيڻ کان پوءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر سهيل آفريدي کي وڏ وزارت جو مناسب حقدار قرار ڏنو ۽ خبردار ڪيو ته ناجائز طور تي حڪومت ٺاهي وئي ته هلڻ نه ڏينداسين. پي ٽي آءِ خيبرپختونخواهه جي صدر جنيد اڪبر چيو ته تحريڪ انصاف صوبي ۾ پنهنجي حڪومت جي ڀرپور تحفط ڪندي، صوبي جو مينڊيٽ اسان جي پارٽي وٽ آهي. تبديلي آڻڻ آئيني حق آهي. هن چيو ته وفاق جي ڪوشش آهي ته هو وڏ وزارت جي تبديلي ۾ رنڊڪون آڻي، نامزد وڏي وزير سهيل آفريدي سان بيٺل آهيون. جڏهن ته ٻين پارٽين سان رابطو ٿيو آهي، انهي جو رويو به مثبت آهي اسان پنهنجي ووٽ جو تحفظ ڪنداسين. هن چيو ته وڏو وزير استعيفيٰ ڏئي ته فوري طور تي منظور ٿي ويندو آهي انهي کان پوءِ صوبائي اسيمبلي ۽ اسپيڪر جو فرض هوندو آهي ته هو نئين وڏي وزير جي چونڊ ڪري. جنيد اڪبر چيو ته ملٽري آپريشن جي فيصلن ۾ سڀني کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. دهشتگردي جو حل ڳالهين ذريعي ڳوليو وڃي.










