ڪراچي (دريا خان شر) سنڌ جي گهرو کاتي پاران دهشتگردن جي مالي معاونت بابت ڪيسن جي تڪڙي ٻڌڻي لاءِ ٻن خاص عدالتن کي اختيار ڏئي ڇڏيا آهن. گهرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مشاورت سان جاري ڪيل نوٽيفيڪشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت نمبر 2 ۽ 16پنهنجي معمول وارن ڪيسن سان گڏ دهشتگردن جي مالي مدد بابت ڪيسن جي روزانو جي بنياد تي ٻڌڻي ڪنديون. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب دهشتگردن جي مالي مدد ڪرڻ بابت سڄي سنڌ جي خاص عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيس پڻ ڄاڻايل ٻنهي عدالتن ۾ منتقل ڪيا ويندا. گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جي ڪاپي لاڳاپيل خاص عدالتن کي پڻ اماڻي وئي آهي. ٻئي پاسي دهشتگردي ٽوڙ عدالت دهشتگردن جي مالي مدد بابت ڪيس ۾ جوابدار عبدالرحمان عرف ال سنڌي تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو جڏهن ته جوابدار پاران ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪرڻ تي عدالت سندس خلاف ڪيس جي شاهدن کي ايندڙ ٻڌڻي تي بيان قلمبند ڪرائڻ لاءِ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت پوليس کي شاهد پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڄاڻايل ڪيس جي روزانو جي بنياد تي ٻڌڻي ٿيندي. ٻڌڻي دوران ڪيس جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار جا ڪالعدم دهشتگرد تنظيمن القاعده، طالبان، جيش محمد پاڪستان، ال اختر ٽرسٽ انٽرنيشنل ۽ حرڪت الجهاد اسلامي سان رابطا آهن. جوابدار جي گرفتاري وقت سندس کيسي مان جيش محمد پاڪستان جي چندي جي رسيد بُڪ پڻ مليو هو. جوابدار خلاف سي ٽي ڊي سول لائن پاران ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.










