دنيا ۾ ٿرٿلو، پينڊورا پيپرز تيار، چار سو کان مٿي پاڪستاني شامل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ ٿرٿلو مچائڻ لاءِ پاناما پيپرز کانپوءِ ‘پينڊورا پيپرز’ به تيار ٿي ويا آهن جيڪي ٿوري دير ۾ رليز ڪيا ويندا. انٽرنيشنل ڪنسورشيم آف جرنلسٽس يعني ‘آءِ سِي آءِ  جي’ موجب مشهور شخصيتن جَي دولت ۽ مالي معاملن بابت دنيا جِي سڀ کان وڏي جاچ “ پينڊورا پيپرز” مڪمل ٿي وئي آهي، “ پينڊورا پيپرز” هڪ ڪروڙ 19 لک فائلز تي مشتمل آهن، جاچ ۾ 117 ملڪن جَي ڏيڍ سئو ميڊيا ادارن جَي 600 کان وڌيڪ رپورٽرن حصو ورتو آهي، صحافتي دنيا جِي سڀ کان وڏي جاچ ۾ پاڪستان مان عمر چيما ۽ فخر دراني شامل هئا، عمر چيما موجب پينڊورا پيپرز ۾ پاناما پيپرز کان وڌيڪ پاڪستانين جا نالا شامل آهن، جاچ تي 2 سال تائين ڪم ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته 2016 ۾ جاري ٿيل پاناما پيپرز ۾ 440 پاڪستانين جا نالا شامل هئا جن ۾ نواز شريف به شامل هو. پينڊورا پيپرز 4.30 جي ايم ٽي يعني رات ساڍي نائين پاڪستاني وقت موجب جاري ٿيندا.  ذريعن موجب هن لسٽ ۾ وزيراعظم عمران خان، ناڻي وارفي وزير شوڪت ترين سميت ڪيترن ئي حڪومت ۽ اپوزيشن اڳواڻن جا نالا شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو