دنيا سان برابري جي بنياد تي احترام وارا لاڳاپا چاهيون ٿا، خان

رياض(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ڀائپيءَ وارا لاڳاپا لازوال آهن ۽ پاڪستان سعودي عرب جي سلامتي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. اهڙو اظهار هن سعودي راڄڌاني رياض ۾ پاڪ سعودي سيڙپڪاري فورم کي خطاب دوران ڪيو. عمران خان وڌيڪ چيو ته سعودي عرب سان پاڪستان جي لاڳاپن جو هڪ سبب اتي مسلمانن جا ٻه عظيم مقدس ماڳ هئڻ به آهي ۽ ٻيو سبب اهو آهي ته سعودي عرب هر ڏکيءَ گهڙي ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي.  وزيراعظم چيو ته  پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ وسيع موقعا موجود آهن. پاڪستان دنيا سان ٻطرفي احترام تي ٻڌل لاڳاپا چاهي ٿو. تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي بلاڪ بسٽر ميچ ۾ ڀارت خلاف پاڪستان جي تاريخي ڪاميابي جو ذڪر به ڪيو ۽ دلچسپ تبصرو ڪندي چيو ته ورلڊ ڪپ ۾ بري شڪست ڏيڻ بعد ڀارت سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ لاءِ  ڳالهيون ڪرڻ جو هي مناسب وقت نه هوندو. وزيراعظم جي اهڙي دلچسپ تبصري تي تقريب ۾ موجود ماڻهن ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو