دفاعي ٺڪاڻن تي حملن جو ذميوار صدر عارف علوي قرار

دفاعي ٺڪاڻن تي حملن جو ذميوار صدر عارف علوي قرار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)بچاءَ واري وزير خواجا آصف صدر عارف علوي کي 9 مئي ۽ دفاعي ٺڪاڻن تي حملن جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو.ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته 9 مئي جو حملو ۽ قومي عمارتن ۽ دفاعي ٺڪاڻن تي حملي جي شروعات عارف علوي ڪئي. عارف علوي سوشل ميڊيا تي اخلاقيات کي به تباهه ڪري ڇڏيو آهي،خواجا آصف چيو ته جيڪڏهن ملڪي قانون سندس احتساب نه ڪندو ته احتساب هن جاءِ نه پر ايندڙ جاءِ تي ٿيندو،منهنجو موقف تاريخي واقعن تي ٻڌل آهي.بچاءَ واري وزير چيو ته عمران خان جي گرفتاري ۾ فوج جو ڪو به ڪردار ناهي، عمران خان کي فوج يا رينجرز گرفتار ناهي ڪيو. رينجرز عمران خان جي گرفتاري ۾ پوليس جي مدد ڪئي، عمران خان فوج تي ڪوڙا الزام لڳائي رهيو آهي ۽ هاڻي فوجي اڏن تي حملي کي جواز بڻائي رهيو آهي. عمران خان ماڻهن کي ڀڙڪائڻ ۽ منظم حملن جو جواز پيش ڪرڻ لاءِ بهانا ڳولي رهيو آهي.هن چيو ته تحريڪ انصاف تي پابندي بابت اتحادين سان اڃا تائين مشاورت ۽ ڳالهه ٻولهه شروع نه ٿي آهي. تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ جي تڪڙي ضرورت آهي ته اتحادين سان به مشاورت ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو