دشمن ملڪ پنهنجن ناپاڪ ارادن ۾ ناڪام ٿيا آهن،شرجيل ميمڻ

دشمن ملڪ پنهنجن ناپاڪ ارادن ۾ ناڪام ٿيا آهن،شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ، شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اڄ شهيدِ جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي، پر محرم الحرام جي تقدس کي نظر ۾ رکندي پاڪستان پيپلز پارٽي هي ڏينهن نهايت احترام ۽ عقيدت سان ملهائي رهي آهي. سنڌ اسيمبلي جي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو کي ”دخترِ مشرق“ جي معزز لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو. هن آمريت جي اونڌاين جو جرئت، استقامت ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ جمهوريت جي سربلندي ۽ عوامي حقن جي تحفظ لاءِ اهڙي لازوال قرباني ڏني، جنهن جو مثال تاريخ ۾ گهٽ ملي ٿو.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جمهوريت جي سربلندي، عوامي حقن جي تحفظ ۽ آمريت خلاف تاريخي جدوجهد ڪئي. هن قيد جا ظلم برداشت ڪيا پر جمهوريت جي رستي تان ڪڏهن به پوئتي نه هٽي. سندس چوڻ موجب شهيد بي بي جهڙي عظيم ۽ مدبر سياسي اڳواڻ جي مثال پوري خطي ۾ نه ٿي ملي. عورتن جي حقن لاءِ سندس خدمتون وسارڻ جھڙيون نه آهن. ليڊي هيلٿ ورڪرز جي نظام جي قيام کان وٺي عورتن لاءِ ليڊي پوليس اسٽيشنز جي قيام تائين، هن هميشه عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ عملي اپاءَ ورتا. هن چيو ته شهيد بي بي جهڙي بهادر ۽ عوامي خدمت جي جذبي سان سرشار قيادت اڄ تائين پيدا نه ٿي آهي ۽ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ سندس شخصيت ۽ جدوجهد سان جڙيل رهي آهي. هن چيو ته جڏهن محترمه بينظير ڀٽو 18 آڪٽوبر تي پاڪستان واپس آئي ته کيس سنگين خطرن کي منهن ڏيڻو پيو، پر هوءَ عوام جي محبت ۽ جمهوريت جي عزم سان وطن واپس آئي. بعد ۾ کيس راولپنڊي ۾ شهيد ڪيو ويو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي اها واحد سياسي جماعت آهي جنهن جي قيادت جمهوريت لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آهن ۽ جنهن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جمهوريت جي بقا لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن وڌيڪ چيو ته اڄ جو ڏينهن ان ڪري به اهم آهي ته دنيا ۾ امن لاءِ پاڪستان جون ڪوششون رنگ لاتو آهي. امن جي قيام لاءِ پاڪستان جيڪو اهم ڪردار ادا ڪيو، اڄ دنيا ان کي تسليم ڪندي. ان حوالي سان جنرل عاصم منير جي ڪردار جو ذڪر ڪندي هن چيو ته هنن به اهم ذميواريون ادا ڪيون آهن. شرجيل انعام ميمڻ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر نعيم احمد کرل جي وفات تي دلي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هو سندس ويجهو ساٿي هو ۽ مشڪل وقت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سان ثابت قدمي سان بيٺو رهيو. هن چيو ته نعيم احمد کرل جون سياسي خدمتون ۽ پارٽي لاءِ ڪيل جدوجهد کي هميشه ياد رکيو ويندو. سندس وفات سبب اسيمبلي جو اجلاس به روايت موجب جلد ملتوي ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان سڀ هن ڪاميابي تي قوم کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا ۽ دشمن ملڪ پنهنجن ناپاڪ ارادن ۾ ناڪام ٿيا آهن. سندس چوڻ موجب دنيا پاڪستان کي امن جي داعي ملڪ طور ڏسي رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اپوزيشن جي صورتحال سڀني جي سامهون آهي ۽ هو باهمي اختلافن ۽ اندروني انتشار جو شڪار آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سندن قيادت هڪ ئي آهي ۽ سندن قيادت چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿي ته هو انهن ڏينهن ۾ ڪٿي هئا ۽ پنهنجون ذميواريون ڪيئن ادا ڪري رهيا هئا. هن چيو ته هو آمراڻه سوچ جا قائل نه آهن ۽ جيڪڏهن اپوزيشن تنقيد ڪري ٿي ته اهو جمهوري عمل جو حصو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ترقياتي ڪم ڪراچي ۾ ٿي رهيا آهن. عوامي سهولتن، انفراسٽرڪچر ۽ شهري ترقي جي منصوبن تي ڀرپور توجهه ڏني پئي وڃي. شهر جي بهتري، جديد سهولتن جي فراهمي ۽ شهري انفرااسٽرڪچر جي ترقي حڪومت سنڌ جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ييلو لائن بي آر ٽي ۾ ايڊوانس ادائگي ڪئي وئي هئي ۽ حڪومت پاڻ ان ادائگي جي ذميوار آفيسر خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي هئي. هن چيو ته بي آر ٽي جي لاٽ ون ۾ مڪس ٽريفڪ لين جلد کولي پئي وڃي جنهن سان شهرين کي سفري سهولتن ۾ وڌيڪ بهتري ۽ آساني ميسر ايندي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ روڊ بهتر معيار سان تعمير ڪيا ويا آهن ۽ عوام کي محفوظ ۽ آرامده سفري سهولتن جي فراهمي لاءِ مسلسل اپاءَ ورتا پيا وڃن. سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت ماضي ۾ سنڌ کي ان جي جائز حقن ۽ وسيلن جي فراهمي جي معاملي ۾ اڪثر نظرانداز ڪيو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٽرانسپورٽرن کي قانون جي پاسداري ڪرڻ گهرجي ۽ قانون کان بچڻ جي ڪوشش ڪنهن به صورت ۾ درست عمل ناهي. حڪومت ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙين تي ڳرا ڏنڊ لاڳو ڪيا آهن ته جيئن شهرين جي حفاظت ۽ ٽريفڪ نظام کي بهتر بڻائي سگهجي. هن چيو ته اهو درست ناهي ته ڪو ڀڃڪڙي ڪري، چالان ٿئي ۽ پوءِ ڏنڊ به ادا نه ڪري. قانون سڀني لاءِ هڪجهڙو آهي ۽ ان تي عملدرآمد ضروري آهي. هن چيو ته حڪومت ٽرانسپورٽرن جا مسئلا سمجهي ٿي، پر نظم و ضبط، قانون جي عملداري ۽ عوام جي تحفظ تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صوبي ۾ ڪا به تبديلي نه اچي رهي آهي ۽ ڪجهه عنصرن پاران پکڙيل تاثر حقيقتن جي برعڪس آهي. هن چيو ته ڪجهه اينڪرن جي عادت بڻجي وئي آهي ته اهي حقيقتن بدران قياس آرائين ۽ پروپيگنڊا کي بنياد بڻائين ٿا. سندس چوڻ هو ته هن وقت صوبي ۾ هڪ باصلاحيت ۽ عوامي خدمت جي جذبي سان سرشار وڏو وزير موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي اظهار جي آزادي ۽ جمهوري قدرن تي يقين رکي ٿي ۽ پيڪا (PECA) جهڙن قانونن جي استعمال بابت پارٽي جو موقف واضح آهي ته اظهار جي آزاديءَ جو تحفظ ضروري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو