دبئي جي خريدار جو بيان عمران جي ڪرپشن جو ثبوت آهي: حافظ حمدالله

دبئي جي خريدار جو بيان عمران جي ڪرپشن جو ثبوت آهي: حافظ حمدالله

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي ترجمان حافظ حمدالله چيو آهي ته دبئي خريد ڪندڙ جو بيان ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته عمران نيازي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جو مجرم آهي.اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ حافظ حمدالله چيو آهي ته حڪومت عمران نيازي کي ڪنٽينر تان هٽائي ۽ جيڪڏهن مني لانڊرنگ جو ڏوهه ثابت ٿئي ته کيس جيل موڪليو وڃي.حافظ حمدالله چيو ته توشه خاني ڪيس جو فيصلو دبئي خريد ڪندڙ جي بيان جي روشنيءَ ۾ ٿيڻ گهرجي، ثابت ٿيل چور کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.پي ڊي ايم جي ترجمان چيو ته توشاخانا ڪيس ۾ ثبوتن جا انبار آهن پر انصاف جا ٻه معيار نظر اچي رهيا آهن.حافظ حمدالله چيو ته سرڪاري صادق ۽ امين کانپوءِ مسلمه ڪوڙو آهي، واچ چور به ثابت ٿي چڪو آهي.هن چيو ته مديني جي رياست جي دعويٰ ڪندڙ چور جي سڃاڻپ سڄي دنيا ڄاڻي چڪي آهي.حافظ حمدالله وڌيڪ چيو ته عمران نيازي اقتدار ۽ اختيار وڪرو ڪيا ۽ فرنٽ مين ذريعي ڪرپشن ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو