ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جو مشهور اداڪار دانش تيمور انسٽاگرام تي سڀ کان وڌيڪ فالو ڪيل پاڪستاني اداڪار بڻجي ويو آهي.دانش تيمور سوشل ميڊيا جي دنيا ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، انسٽاگرام تي سندس 8.8 ملين فالوورز آهن، هن ڪاميابي نه رڳو سندس مداحن کي خوش ڪيو آهي پر سندس زال ۽ مشهور اداڪاره عائزه خان کي به تمام گهڻو فخر آهي.عائزه خان پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي دانش تيمور جي هن اعزاز تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ سندس وڏي تعريف ڪئي.هن لکيو ته ڊجيٽل دنيا جي محبت حقيقي زندگي جي محبت جو مقابلو نٿي ڪري سگهي، پر اهو ضرور ثبوت آهي ته ماڻهو دانش کي دل سان پيار ڪن ٿا ۽ سندس محنت جي تعريف ڪن ٿا.دانش تيمور پنهنجي فنڪارانه صلاحيتن، مشهور ڪردارن ۽ شاندار اسڪرين پرفارمنس ذريعي ڊراما انڊسٽري ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي آهي.










