دادو، ڪوچ ڪلٽي،3 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

دادو، ڪوچ ڪلٽي،3 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

دادو(رپورٽ عزيزالله خاصخيلي) دادو ويجهو انڊس هاءِ وي، خدا آباد وٽ تيز رفتار مسافر ڪوچ حادثي جو شڪار ٿي وئي حادثي دوران هڪ ٻار ۽ عورت سميت ٽي ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 15 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا زخمين کي فوري طور تي ريسڪيو جي مدد سان ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو ۽ سيهون اسپتال منتقل ڪيو ويو دادو اسپتال انتظاميا موجب 13 زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو آندو ويو آهي، جن ۾ اميران مگسي، سارا لطيف، مهڪ، سمينا، فرزانه، زليخا ۽ ٻيا شامل آهن زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار پڻ شامل آهن.فوتين جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي جڏهن ته حادثي جو شڪار مسافر ڪوچ لاڙڪاڻه کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته حادثو پيش آيو ڪلٽي ٿيندڙ ڪوچ ۾ موجود ماڻهن ۽ زخمين کي جلدي طبي امداد فراهم ڪئي وئي آهي،واقعي جو وڏي وزير نوٽيس وٺي رپورٽ طلب ڪري ورتي

پهنجو تبصرو موڪليو