خيرپور (ن س )ڪوٽڏيجي ڀرسان ٽريفڪ حادثو شاديءَ جا جشن ماتم ۾ تبديل ڪوٽڏيجي ڀرسان ڏهه ويلر ٽرالر ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، روڊ حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻه عورتون سخت زخمي ٿي پيون. حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن ڳوٺ بکر ڪناسرا واسي ڄڃ سان وڃي رهيا هئا ته ڄڃ سان گڏ موٽسائيڪل تي تي ويندڙن کي ٽرالر ٽڪر هنيو. حادثي ۾ فوتي جي سڃاڻپ حبدار علي ولد نظر محمد کناسرو طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمي عورتن کي فوري طور تي خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو. شاديءَ جي خوشيون اوچتو حادثي سبب غم ۾ تبديل ٿي ويون، جڏهن ته علائقي ۾ سوڳ جو ماحول ڇانئجي ويو.










