خيبر ۾ بمباري جي مذمت، هڪ، هڪ ڪروڙ معاوضي جو اعلان

خيبر ۾ بمباري جي مذمت، هڪ، هڪ ڪروڙ معاوضي جو اعلان

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور وادي تيراه جي واقعي ۾ مارجي ويل عام شهرين لاءِ هڪ هڪ ڪروڙ روپين جي معاوضي جو اعلان ڪيو آهي. ڊان نيوز مطابق خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سان ضلعي خيبر جي وادي تيراه ۾ پاڪستاني هوائي جهازن جي بمباري بابت هڪ وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ڪندڙن ۾ ايم اين اي اقبال آفريدي، چيف سيڪريٽري، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري داخلا، ڪمشنر پشاور سميت ٻيا اهلڪار شامل هئا. ملاقات ۾ وادي تيراه ۾ پيش آيل ناخوشگوار واقعي جي تناظر ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ واقعي ۾ شهيد ٿيلن جي درجن جي بلندي لاءِ فاتحه پڙهي وئي. ملاقات دوران وڏي وزير واقعي جي شهيدن جي وارثن لاءِ هر هڪ کي ڪروڙ روپيا معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪيو. وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور چيو ته واقعي ۾ عام شھرين جي شهادت افسوسناڪ ۽ قابل مذمت آهي، دهشتگردن خلاف ڪارروائين جي نتيجي ۾ عام شھرين جي شهادت ناقابل قبول آهي. ملاقات ۾ اڳتي اهڙن ناخوشگوار واقعن کي روڪڻ لاءِ حڪمت عملي تي تفصيلي غور ڪيو ويو ۽ ان سلسلي ۾ مشران تي مشتمل جرگي جي اعليٰ عسڪري اهلڪار سان ملاقات ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. عسڪري اهلڪارن سان جرگي جي ملاقات ۾ علائقي ۾ اڳتي لاءِ طريقه ڪار طئي ڪيو ويندو، باجوڙ جي نموني تي تيراه ۾ به امن امان قائم ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي. ملاقات ۾ علائقي ۾ امن لاءِ علائقي جي ماڻهن جو اعتماد حاصل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. ياد رهي ته وزيراعليٰ جي مواصلات ۽ تعميرات بابت معاون سهيل آفريدي ڪالهه خيبرپختونخوا اسيمبلي جي اجلاس ۾ ان واقعي تي آواز بلند ڪيو هو. جنهن چيو هو ته وادي تيراه ۾ رات جو 2 وڳي بمباري ڪئي وئي. سهيل آفريدي الزام لڳايو ته مقامي ماڻهن تي ‘مارٽر ۽ بم وسايا ويا’، 25 ماڻهن جون زندگيون ضايع ٿيون، جن ۾ عورتون ۽ ٻار پڻ شامل هئا، انهن هن واقعي جي ذميواري سيڪيورٽي فورسز تي آهي. خيبر مان قومي اسيمبلي جو ميمبر محمد اقبال خان آفريدي به ان واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ پشتو ٻولي ۾ جاري ڪيل وڊيو پيغام ميڊيا سان شيئر ڪيو. جنهن ۾ هن چيو ته تيراه ۾ ‘جيٽ جهازن جي گوليباري’ ۾ وڏي عمر واريون عورتون ۽ ٻار مارجي ويا، اقبال خان عوام تي زور ڏنو ته اهي جڳهه تي پهچي ان خلاف احتجاج ڪن. ايم اين اي چيو ته هي پهريون واقعو ناهي، ‘عام ماڻهن جو قتل عام معمول بڻجي چڪو آهي’.

پهنجو تبصرو موڪليو