پشاور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (PTI) جو ايم پي اي سهيل آفريدي سومر ڏينهن 90 ووٽ کڻي خيبرپختونخوا جو نئون چيف ايگزيڪيوٽو يعني وڏو وزير چونڊجي ويو.اهو اجلاس ان وقت ٿيو جڏهن اپوزيشن ميمبرن واڪ آئوٽ ڪيو ۽ اڳوڻي وزيراعلى علي امين گنڊاپور جي استعيفيٰ بابت ِغير يقيني واري صورتحال برقرار هئي. خيبرپختونخوا اسيمبلي جي اسپيڪر بابر سليم سواتي اپوزيشن جي واڪ آئوٽ باوجود چونڊ جو عمل جاري رکيو ۽ اعلان ڪيو ته مولانا لطف الرحمان (جي يو آءِ-ف)، سردار شاهه جهان يوسف (ن ليگ) ۽ ارباب زرق خان (پيپلز پارٽي) کي زيرو ووٽ مليا. اسپيڪر ٻڌايو ته اسيمبلي جا ٽي ميمبر ملڪ کان ٻاهر هئا، پوءِ اعلان ڪيو ويو ته سهيل آفريدي 90 ووٽ حاصل ڪري وزيراعلى چونڊجي ويو، جنهن کان پوءِ اسيمبلي هال ۾ سندس نالي جا نعرا گونجڻ لڳا. خيبرپختونخوا اسيمبلي جي 145 ميمبرن مان وزيراعلى چونڊجڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 73 ووٽن جي ضرورت هئي. کٽڻ کان پوءِ خطاب ڪندي آفريدي چيو ته هو پارٽي جي باني عمران خان جو ٿورائتو آهي جنهن هڪ عام ڪارڪن کي، جيڪو وچولي طبقي سان تعلق رکي ٿو ۽ سياست سان خانداني واسطو نٿو رکي، وزيراعلى بڻايو. هن جو چوڻ هو: “نه ڀٽو، نه زرداري، نه شريف منهنجي نالي سان ڳنڍيل آهن.” آفريدي چيو ته هو قبائلي ضلعن سان تعلق رکي ٿو ۽ ان تي کيس فخر آهي. هن چيو ته گذريل 78 سالن کان قبائلي ضلعن ۽ انهن جي ماڻهن بابت هڪ خاص سوچ موجود رهي آهي. “ته قبائلي علائقن جا ماڻهو رڳو مرڻ لاءِ آهن، ۽ اهي علائقا هميشه پوئتي رهڻ گهرجن.” آفريدي چيو ته عمران خان کي قبائلي ضلعن جي محروميءَ جو مڪمل احساس آهي. هن چيو: “مان جيترو به عمران خان جو شڪريو ادا ڪريان، اهو ڪافي نه آهي. قبائلي علائقا خوش آهن ۽ عمران خان ۽ پارٽي جا ٿورا مڃي رهيا آهن ته مون کي وڏو وزير چونڊيو ويو.” هن وڌيڪ چيو ته “منهنجي اڳواڻ عمران جي نظرئي مطابق اڳواڻ اهو نٿو بڻجي جيڪو پنهنجي نالي سان شريف، ڀٽو يا زرداري لکائي.” آفريدي چيو ته علي امين گنڊاپور جو به ٿورائتو آهيان ۽ چيو ته “پارٽي ۾ ڪڏهن به ڪنهن قرباني ڏيڻ ۾ هٻڪ نه ڪئي. علي ڀائي، جنهن وقار سان توهان استعيفيٰ ڏني، مان توهان کي داد ڏيان ٿو.” صوبائي صورتحال بابت آفريدي چيو ته “حالت سنگين آهي ۽ ڪيترائي چئلينج موجود آهن.”
اپوزيشن جو احتجاج ۽ واڪ آئوٽ
اجلاس دوران اپوزيشن ليڊر ڊاڪٽر عبادالله آئين جي ڪاپي هٿ ۾ کڻي چيو: “آئين موجب، پهرين وزيراعلى جي استعيفيٰ قبول ڪئي ويندي آهي، پوءِ ڪابينا کي ڊي نوٽيفاءِ ڪيو ويندو آهي.” هن چيو ته ڪابينا کي اڃا تائين ڊي نوٽيفاءِ نه ڪيو ويو آهي ۽ گنڊاپور جي استعيفيٰ به گورنر قبول نه ڪئي آهي. “جيڪڏهن موجوده وزيراعلى آهي، ته نئين وزيراعلى جي چونڊ غيرآئيني آهي، تنهن ڪري اسان هن عمل جو حصو نه بڻجنداسين.” ڊاڪٽر عبادالله سوال اٿاريو ته “جيڪڏهن توهان وٽ اڪثريت آهي، ته ڪجهه ڏينهن انتظار ڇو نه ڪيو وڃي ته جيئن عمل آئيني طريقي سان مڪمل ٿئي؟” اهو چئي اپوزيشن واڪ آئوٽ ڪري وئي.
اسپيڪر سواتي جو جواب
اسپيڪر بابر سليم سواتي چيو ته علي امين گنڊاپور ٻه ڀيرا استعيفيٰ گورنر ڏانهن موڪلي چڪو آهي ۽ پنهنجي تقرير ۾ به ان جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو: “مان واضح ڪريان ٿو ته آئين موجب هي چونڊ قانوني ۽ آئيني طريقي سان ٿي رهي آهي، ڪجهه ماڻهن جي خواهشن موجب آئين نه ٿو هلي.” اسپيڪر وڌيڪ چيو ته آئين جي آرٽيڪل 130 تحت وزيراعلى جو عهدو هڪ آئيني حيثيت رکي ٿو، ۽ ڪلاز 8 مطابق وزيراعلى پنهنجي هٿ سان لکيل استعيفيٰ ڏئي سگهي ٿو. “انهيءَ بنياد تي مان رولنگ ڏيان ٿو ته وزيراعلى جي چونڊ قانوني طريقي سان ٿي رهي آهي.”
گنڊاپور جا بيان ۽ واپسي
اجلاس جي شروعات ۾ علي امين گنڊاپور سهيل آفريدي کي “پيشگي مبارڪون” ڏنيون ۽ چيو ته پارٽي جي جدوجهد عمران خان جي قيادت هيٺ جاري رهندي. هن چيو ته مان عمران جي حڪم تي 8 آڪٽوبر تي استعيفيٰ ڏني ۽ هر عمل جو رڪارڊ موجود آهي.
“اسان جڏهن حڪومت سنڀالي، تڏهن صرف 18 مهينن تائين پگهارن لاءِ پئسا هئا، پر هاڻي خزاني ۾ 280 ملين رپيا آهن.” گنڊاپور چيو ته سندس حڪومت ترقياتي پروگرام تحت وڌيڪ فنڊ ڏنا ۽ عمران جي نظرئي تحت سڀني تڪن کي وسيلن ۾ حصو ڏنو. آخر ۾ هن چيو: “اسان جي جدوجهد صرف عمران خان تائين محدود نه آهي، هو جيڪا قرباني ڏئي رهيو آهي، اها قوم لاءِ آهي، ۽ اسان سدائين هن سان گڏ رهنداسين.”
استعيفيٰ تي نئون تڪرار
آچر رات دير سان خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي گنڊاپور جي استعيفيٰ واپس موڪليندي چيو هو ته ٻنهي درخواستن صحيحون مختلف آهن ۽ استعيفا جي تصديق لاءِ هن کي اربع تي 3 وڳي ملاقات لاءِ گهرايو هو. ڪنڊي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته استعيفيٰ “اعتراض سان گڏ واپس موڪلي وئي آهي.” گنڊاپور جواب ۾ چيو هو ته “آخرڪار اها استعيفيٰ جيڪا 8 آڪٽوبر تي ڏني وئي هئي، هاڻي تسليم ڪئي وئي آهي، ۽ ٻنهي تي منهنجا اصلي دستخط آهن.”










